Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

وضاحت: رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿن کي ربِّ ڪريم يَدُ الله فرمايو آهي، سبحان الله! هي ڪهڙا قدرت وارا هٿ آهن، انهن جو اشارو ٿئي ته چنڊ ٻه ٽڪرا ٿي وڃي، لٿل سج موٽي اچي، بيمار تي لڳن ته شفا ماڻي، اهڙي ڪمال قدرت وارن هٿن سان پاڻ زلف سنواريندا هئا، اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهيءَ ڪري فرمائن ٿا: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! پنجهءِ قُدۡرت (يعني اهي مبارڪ هٿ جيڪي يدُ الله آهن، ڪمال قدرت وارا آهن)، اهي سندن زلفن جي لاءِ ڪَنگو آهن. مآشاء الله! اي شاھِ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڪيئن هٿن اوهان جا وار مبارڪ سنواريا آهن. پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تيل جو ايترو استعمال فرمائيندا هئا جو تيل جا ڦُڙا ٽِمَڻَ لڳندا هئا. اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي رضا! غور سان ڏس! هي تيل جا ڦُڙا ناهن ٽِمي رهيا، اصل ۾ رات والضُّحٰي واري چهري تي تارا نِڇَاور ڪري رهي آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سربند جو استعمال سنّت آهي

   اي عاشقانِ رسول! بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو: تيل لڳائڻ، ڪنگو ڪرڻ ۽ مٿي تي ڪپڙو رکڻ (يعني سربند شريف جو استعمال) سنّتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي

   اسان کي به گهرجي ته جڏهن به مٿي ۾ تيل وجهون ته هڪ ننڍو ڪپڙو مٿي تي ٻڌي وٺندا ڪريون، هن طرح سنّت تي به عمل ٿي ويندو ۽ ٽوپي عمامو شريف تيل جي آلاڻ کان ڪافي حد تائين محفوظ رهندا. عاشقِ سنّت، شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه سالن کان وٺي پاڻ به سربند جو استعمال فرمائيندا آهن ۽ تمام عاشقانِ رسول کي به هن جي ترغيب ڏياريندا آهن. الله پاڪ اسان کي به سنّتن جو عامِل بڻائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم