Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

امام احمد بن حنبل جو موءِ مبارڪ سان عشق

   عظيم عاشقِ رسول حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وٽ مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ وار مبارڪ هو. سندن وار مبارڪ کي ڪڏهن پنهنجي چپن تي رکي ڪري چمندا هئا، ڪڏهن اکين تي رکندا ۽ بيماري جي حالت ۾ وار مبارڪ کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڪري ان جو ڌوتل پاڻي پيئندا ۽ شفا حاصل ڪندا هئا.([1])

تون هميشه ڪامياب رهندي

  پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا پيارا پيارا وار مبارڪ صرف باعثِ شفا ئي نه، دافِعِ بلا (يعني مصيبتون ٽارڻ وارا) به آهن. عظيم صحابيءِ رسول حضرت خالد بن وليد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حجّةُ الۡوداع جي موقعي تي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حلق ڪرايو ته مون پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ وارن مان ڪجھ وار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. حضور ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مونکي فرمايو: مَا تَصْنَعُ بِہٰوُ لَاءِ یَاخَالِدُ اي خالد! تون هنن وارن کي ڇا ڪندي؟ مون عرض ڪيو: اَتَبَرَّکُ بِہَا یَا رَسُوْلَ اللہ  وَاسْتَعِیْنُ بِہَا عَلَی الْقِتَالِ قِتَالَ اَعْدَائِیْ  يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان هنن مبارڪ وارن کي بطور تبرڪ پاڻ وٽ رکندُس ۽ ڪافرن سان جهاد ۾ هنن کان مدد حاصل ڪندُس. هي ٻڌي ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت خالد بن وليد رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مبارڪ عقيدي تي نبوي مهر لڳائيندي فرمايو: لَا تَزَالُ مَنْصُوْراً مَا دَامَتْ مَعَکَ يعني خالد! جيستائين هي وارَ اوهان وٽ رهندا، هنن جي برڪت سان اوهان هميشه غالب رهندؤ.

   حضرت خالد بن وليد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: ان وقت کان مون وار مبارڪ


 

 



[1] ... سیر اعلام النبلاء، جلد:9 ،صفحہ:457۔