Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري.([2]) يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.

   پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ  ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا *  اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون
 * ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي  * سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي * مرد کي اختيار آهي مٿي جا وار ڪٽرائي يا وڌائي ۽ سينڌ ڪڍي * حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اڪثر سَرِ اقدس ۾ تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڪثر ڪنگو ڪندا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان آلو ٿي ويندو هو.([3])

تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا                صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو

وضاحت: اي رضا! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زلف


 

 



[1] ...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] ... ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163 ۔

[3] ...550 سنتیں اور آداب ، صفحہ:41 تا43 ملتقطاً۔