Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

   معلوم ٿيو: الله پاڪ ئي غيب ڄاڻڻ وارو آهي ۽ هو پنهنجي پسنديده رسولن کي غيب جو علم به عطا فرمائيندو آهي. باقي رهيو! موت جو وقت ڄاڻي وٺڻ، هي ته ماءُ جي پيٽ ۾ تقدير لکڻ وارو فرشتو به ڄاڻيندو آهي ته ڪير ڪڏهن ۽ ڪٿي مرندو. جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: توهان مان هر هڪ جو پيدائشي مادو ماءُ جي پيٽ ۾ 40 ڏينهن نطفي جي صورت ۾ رهندو آهي پوءِ 40 ڏينهن ڄميل رت پوءِ 40 ڏينهن ۾ گوشت جو ٽڪرو پوءِ الله پاڪ هڪ ملائڪ کي 4 ڳالهيون ٻڌائي ڪري موڪليندو آهي ته اهو  ملائڪ ان جا ڪم، ان جو موت، ان جو رزق ۽ بدبخت آهي يا نيڪ بخت آهي سڀ ڪجھ لکي وٺندو آهي پوءِ ان ۾ روح ڦوڪيو ويندو آهي ته ان جو قسم جنهن کانسواءِ ڪو معبود ناهي توهان مان ڪجھ جنّتين جا ڪم ڪندا رهندا آهن ايستائين جو ان ۾ ۽ جنّت ۾ صرف هڪ هٿ جو فاصلو رهجي ويندو آهي ته اوچتو تقدير ۾ لکيل ان جي اڳيان اچي ويندو آهي ۽ دوزخين جا ڪم ڪري وٺندو آهي پوءِ اتي ئي پهچندو آهي ۽ توهان مان ڪجھ دوزخين جا ڪم ڪندا آهن ايستائين جو ان ۾ ۽ دوزخ ۾ صرف هڪ هٿ جو فاصلو رهجي ويندو آهي ته اوچتو ان جي تقدير ۾ لکيل اڳيان ايندو آهي ۽ اهو جنّتين جا ڪم ڪندو آهي پوءِ ان ۾ داخل ٿي ويندو آهي.([1])

اَللّٰہُمَّ اِنِّیْ اَسْئَلُکَ الْجَنَّۃَ الْفِرْدَوْسَ بِغَیْرِ حِسَاب

الٰہی جہنّم سے آزاد کر دے                                        مَیں فِرْدَوس  میں داخلہ مانگتا ہوں

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ...بخاری،کتاب بدء الخلق ،باب ذکر الملائکۃ،صفحہ:824 ،حدیث:3208 ۔