Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گيسوءِ عنبرين (يعني خوشبودار وارَ مبارڪ) مراد آهن.([1])يعني هن صورت ۾ آيت جي معنٰي ٿيندي: اي محبوب (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! اسان کي اوهان جي نوراني چهري جو قسم! ۽ اوهان جي مبارڪ زلفن جو قَسم! جڏهن اهي نوراني چهري تي پردو وجهن.

ہے کلامِ اِلٰہی میں شمس و ضُحٰے، ترے چہرۂ نُور فزا کی قسم

قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلْفِ دوتا کی قسم

وہ خُدا نے ہے مرتبہ تجھ کو دیا،نہ کسی کو ملے، نہ کسی کو ملا

کہ کلامِ مجید نے کھائی شہا! ترے شہر و کلام و بقا کی قسم([2])

وضاحت: اي منهنجا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ والضُّحٰي فرمائي ڪري اوهان جي مبارڪ چهري جو قسم ياد فرمايو آهي ۽ والَّيۡل اِذا سَجٰي فرمائي ڪري مبارڪ زلفن جو قسم ياد فرمايو آهي، ڄڻ ته ڏينهن روشن آهي اوهان جي چهري جي صدقي ۽ رات اونداھ آهي ته اوهان جي مبارڪ زلفن جي برڪت سان. يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! جيڪو مقام، جيڪو مرتبو، ربِّ ڪائنات اوهان کي عطا فرمايو آهي، اهو مقام ۽ مرتبو نه پهريان ڪنهن کي مليو، نه قيامت تائين ڪنهن کي ملندو، اوهان جو شان ته هي آهي جو اوهان جو خالِق، الله پاڪ اوهان جي زبان مبارڪ مان نڪتل الفاظ، اوهان جي شهر ۽ اوهان جي مبارڪ زندگي جا قَسم ياد فرمائي ٿو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ... تفسیر خزائن العرفان،پارہ:30 ،سورۂ ضحیٰ ،تحت الآیۃ:1 -2 ، صفحہ: 1108 ملتقطاً و ماخوذاً۔

[2] ... حدائق بخشش،صفحہ:80 ملتقطاً۔