Book Name:Muye Mubarak Kay Waqiyat

دنياوي مال نه هو پر ان وٽ انمول دولت هئي، اهو روزانو وڏي شوق سان وارن مبارڪ جي زيارت ڪندو ۽ ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهندو هو، گڏوگڏ ڪو ننڍو وڏو ڪاروبار به شروع ڪيائين، مقدس وارن  جي پهرين برڪت هيءَ ظاهر ٿي جو ان جو مال ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو.

   ٻئي پاسي وڏو پٽ جنهن مال قبول ڪيو هو ۽ وار مبارڪ ڏئي ڇڏيا هئا، ان جو مال گهٽجڻ  شروع ٿي ويو، وقت ايئن ئي گذرندو ويو، آخرڪار هڪ وقت آيو ته عظيم عاشقِ رسول جنهن وارن مبارڪ جي خاطر دنيا جي دولت کي ٺُڪرايو هو، يعني تاجر جو ننڍو پٽ دنيا مان هليو ويو، ان جي انتقال کان بعد ان زماني جي هڪ نيڪ بزرگ کي خواب ۾ سرڪار عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهن کي چئي ڇڏ! جنهن کي ڪا حاجت هجي ته اهو هن تاجر جي ننڍي پٽ جي قبر تي وڃي ۽ حاجات جي لاءِ دعا ڪري، ان جي حاجت پوري ٿيندي.

   بس هاڻي ڇا هو، ان عظيم عاشقِ رسول جي مزار جي وڏي تعظيم ٿيڻ لڳي، ٽولن جا ٽولا اتي وڃي مرادون حاصل ڪرڻ لڳا، ان عظيم عاشقِ رسول کي وارن مبارڪ جي ادب جو هي صلو مليو جو وڏا وڏا ماڻهو به سندس مزار جي ويجهو گذرندا هئا ته سواري تان لهي ويندا ۽ ادب کي سامهون رکي مزارِ پاڪ جي ويجهو پيادل گذرندا هئا.([1])

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس وارن جو به ڇا ته نرالو شان آهي...!!! الله پاڪ ان بابرڪت مزار شريف جي صدقي اسان کي به عشقِ رسول جي نعمت سان خوب مالا مال ڪري. ڪاش! اسان گنھگارن کي به وارن مبارڪ جي زيارت ۽


 

 



[1] ... ذکر جمیل، صفحہ:77 -78 ملخصاً۔