Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

صبح اٿندي ئي جنهن جو منھن ڏٺو هو ان جو، يا ڪاري ٻلي جو جيڪا اڳيان گذري وئي هئي. الامان والحفيظ!

   اي عاشقانِ رسول! قصور نه صفر مهيني جو آهي، نه ويچاري ٻليءَ جو، قصور پنهنجو آهي، چڱي ڪم جي شروعات الله پاڪ جي نالي مبارڪ سان ڪئي وڃي ها، ربِّ ڪريم جي حضور شڪر جو سجدو ڪيو وڃي ها ته برڪت ٿئي ها، جڏهن شيطان کي خوش ڪرڻ وارن ڪمن سان شروعات ڪئي وئي، الله پاڪ جو نالو نه ورتو ويو ته برڪت ڪٿان ايندي؟ 

   اهڙيءَ طرح ٻيون به کوڙَ ساريون بدشگنيون ورتيو وينديون آهن، ڏينهن مان بدشگوني وٺندا آهن، جانورن مان بدشگوني وٺندا آهن، ايستائين جو ڳڻپ وارن نمبرن مثال طور 13 نمبر مان بدشگوني وٺندا آهن. الله پاڪ اسان کي محفوظ فرمائي! اهڙي بدشگونين ۽ وهم پرستين ۾ پوڻ بجائي جيڪڏهن اسان پنهنجي عادات (Habits) ۽ معمولات تي غور ڪريون، ناڪامي (Failure) جو اصل جيڪو سبب آهي، ان کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! فائدو ٿيندو. الله پاڪ اسان سڀني کي عقلِ سليم عطا فرمائي.

بِسمِ الله شريف جي ديواني

شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري  رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ڪتاب فيضانِ سنّت ۾ آهي:

هڪ مبلغ اجتماع ۾ بِسمِ الله شريف جا فضائل بيان فرمائي رهيو هو. هڪ يهودِڻ ڇوڪري بِسۡمِ الله شريف جا فضائل ٻڌي ڪري تمام گهڻو متاثر ٿي ۽ ان اسلام قبول ڪري ورتو. ان جي زبان تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم  جو ورد جاري ٿي ويو. هر وقت اٿندي، ويهندي، سمهندي، جاڳندي، هلندي، ڦرندي، بِسمِ الله پڙهندي رهندي هئي. ڇوڪري جا ڪافر والدين ان کان سخت ناراض (Angry) رهڻ لڳا، ان کي طرح طرح جون تڪليفون ڏيندا ها، ايستائين جو اسلام جي دشمني جي سبب هن ڪوشش ۾ لڳي ويا ته پنهنجي ڌيءُ تي ڪو الزام هڻي