Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: چوڪ درس. الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته عاشقانِ رسول مسجد ۾ ئي نه، گهٽي، پاڙن ۽ دڪانن تي وڃي ڪري به درس ڏيندا آهن، نيڪيون ڪمائيندا ۽ ٻين کي نيڪيءَ جي دعوت ڏئي ڪري سنّتن جو پيغام عام ڪندا آهن. اچو! چوڪ درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،جيئن ته!

وقت جو قدر نصيب ٿي ويو

   حيدر آباد (انٽيرئير سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مونکي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ فلمون ڏسڻ جو تمام گهڻو شوق هو، بي عملي جو حال هي هو جو مان جمعي جي نماز به نه پڙهندو هيس بلڪه هي بابرڪت گهڙيون به گناھن ۽ فضوليات ۾ گذاري ڇڏيندو هيس. پوءِ مون تي ڪرم ٿيو. اسان جي علائقي ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ چوڪ درس ڏيندو هو، هڪ ڏينهن انهن مونکي محبت ڀري انداز ۾ چوڪ درس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، خوش قسمتي سان مون انهن جي ڳالھ توجھ سان ٻڌي، پوءِ مان روزانو انهن جي درس ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس، ڏينهون ڏينهن منهنجي اندر تبديلي اچڻ لڳي، پوءِ آهسته آهسته مان دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳس، اسلامي ڀائرن جو طرزِ زندگي ڏسي ڪري دل خوش ٿي ويندي، ايئن الحمد لله! مان سنورجي ويس، مون فلمون ڏسڻ کان توبھ ڪئي ۽ پهريان جيڪو وقت ڪرڪيٽ ۾ برباد ڪندو هيس، هاڻي ديني ڪمن ۾ مصروف رهندو آهيان.

زمانے بھر میں مچا دیں گے دُھوم سُنت کی                              اگر کرم نے ترے ساتھ دے دیا یاربّ!

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ