Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جو سڄو مضمون ان جي ب حرف ۾ موجود آهي ان جي معنٰي هيءَ آهي: بِیْ کانَ مَاکانَ وَبِیْ یَکُوْنُ مَایَکُوْنُ۔ (يعني جيڪو ڪجھ به آهي مون (يعني الله پاڪ) کان ئي آهي ۽ جيڪو ڪجھ ٿيندو مون (يعني الله پاڪ) طرفان ئي ٿيندو.) ([1])

هر جائز ڪم بِسمِ الله سان شروع ڪريو!

   اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي پاڪ ڪلام، قرآنِ ڪريم جي شروعات بِسْمِ اللہ سان ٿيندي آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ هي درس آهي ته اسان به پنهنجا ڪم بِسْمِ اللہ سان شروع ڪندا ڪريون. حضرت علّامه احمد صاوي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: قرآنِ پاڪ جي شروعات بِسْمِ اللہ سان ان ڪري ڪئي وئي ته جيئن الله پاڪ جا ٻانها هن جي پيروي ڪندي هر چڱي ڪم جي شروعات بِسْمِ اللہ سان ڪن. ([2]) حديثِ پاڪ ۾ به (چڱي ۽) اهم ڪم جي شروعات بسم الله سان ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. ([3])

مشهور مفسّرِ قرآن، حڪيمُ الامّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيْه بِسْمِ اللہ شريف جي تَفسِير ڪندي لکن ٿا: عرب جا ڪافر پنهنجي هر ڪم کي پنهنجي ڪوڙن خدائن جي نالي سان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري ضروري ٿيو ته مسلمان پنهنجي هر ڪم کي الله پاڪ جي نالي سان شروع ڪن ته جيئن ڪافرن جي مخالفت ظاهر ٿئي، هن مان هي به خبر پئي ته مسلمان جو هر ڪم غير مسلمن جي خلاف هئڻ (Opposite) گهرجي انهن سان محبت ۽ مشابهت نهايت ئي خراب شيءِ آهي. ([4])

چھوڑ دے سارے غَلَط رَسم و رَواج                   سنتوں پر چلنے کا کر عہد آج

خوب کر ذکرِ خدا و مصطَفےٰ                                      دل مدینہ یاد سے ان کی بنا


 

 



[1]... اَلمَجَالِسُ السَّنِیَّۃ ،صفحہ:3۔

[2]... حاشیہ صاوی  علی تفسیر الجلالین، ،پارہ:1،سورۂ فاتحہ ،جلد:1،صفحہ: 35خلاصۃً۔ ۔

[3]... جامع لاخلاق الراوی،32باب   اتخاذ المستملی،صفحہ :322،حدیث:1198ماخوذاً۔

[4]... تفسیرِ نعیمی ،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،جلد:1 ،صفحہ:47 ملتقطاً و بتغیر قلیل ۔