Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

۽ اَلۡحَمدلله پڙهي وٺي ته ان جانور جي هر قدم تي ان سوار جي حق ۾ هڪ نيڪي لکي ويندي آهي.

   اهڙيءَ طرح جيڪو شخص ٻيڙيءَ (Boat) ۾ سوار ٿيڻ وقت بِسۡمِ الله ۽ اَلۡحَمد لله پڙهي وٺي، جيستائين اهو ان ۾ سوار رهندو ان جي لاءِ نيڪيون لکيون وينديون رهنديون. ([1])

روزي ۾ برڪت جو بهترين نسخو

   مفتي احمد يار نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم پڙهي ڪري پهريان ساڄو قدم دروازي ۾ داخل  ڪرڻ گهرجي پوءِ گھر وارن کي سلام ڪندي گهر ۾ اندر اچو. جيڪڏهن گهر ۾ ڪو به نه هجي ته اَلسَّلامُ عَلَیْکَ اَیُّہاَ النَّبِیُّ وَ رحْمَۃُ اللہ وَ بَرَکاتُہ چئو. ڪجھ بزرگن کي ڏٺو ويو آهي ته ڏينهن جي شروعات ۾ گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم ۽ سورة اخلاص
 (يعني قُلْ ھُوَ اللہ احد) پڙهي وٺندا آهن ان سان گهر ۾ اِتّفاق  (Unity) به رهندو آهي (يعني جهيڙو ناهي ٿيندو) ۽ روزيءَ ۾ برڪت به ٿيندي آهي. ([2])

ٻارن کي به بسمِ الله پڙهڻ جي عادت وجهو!

   حضرت عيسٰي روحُ الله عَلَيهِ السَّلَام هڪ قبر جي ويجهو گذريا ته عذاب ٿي رهيو هو. ڪجھ عرصي کان بعد ٻيهر گذريا ته ملاحظه فرمايائون ته ان قبر ۾ نور ئي نور آهي ۽ اتي رحمتِ الاهي جي بارش ٿي رهي آهي. پاڻ عَلَيهِ السَّلَام گهڻو حيران ٿيا ۽ بارگاھِ الهي ۾ عرض ڪيائون: مونکي هن جو راز (Secret) ٻڌايو وڃي؟ ارشاد ٿيو: اي عيسٰي (عَلَيهِ السَّلَام)! هي شخص گناھگار هئڻ جي سبب عذاب ۾ گرفتار هو، پر انتقال جي وقت هن جي گهر واري اميد سان هئي، ان وٽ پٽ جي ولادت ٿي ۽ اڄ ان کي مڪتب موڪليو ويو، استاد ان کي بسمِ الله پڙهائي،


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:55  ۔

[2]... مِرآۃالمناجِیح،جلد:6،صفحہ:9بتغیر قلیل ۔