Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

  پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيتري محرومي آهي جو جيڪڏهن چڱي ۽ اهم ڪمن کان پهريان بسۡمِ الله شريف نه پڙهي وڃي ته ڪمَ اڌورا رهجي ويندا آهن، انهن ۾ برڪت ناهي هوندي. ٿي سگهي ٿو ته ذِهن (Mind) ۾ خيال اچي ته مان ته بِسۡمِ الله ناهيان پڙهندو، پوءِ به منهنجا ڪمَ ته پورا ٿيندا آهن.

   جواباً عرض آهي ته ڪم بظاهر پورو ٿي وڃڻ ٻي ڳالھ آهي ۽ ان ۾ برڪت نه هئڻ ٻي ڳالھ، مثال طور ڪنهن بِسۡمِ الله پڙهڻ بغير ماني کاڌي، ظاهر ۾ کاڌو نڙيءَ کان هيٺ ته لهي ويندو پر ان ۾ برڪت نه ٿي ۽ کاڌو چڱي طرح هضم ٿي ڪري بدن جو حصو نه بڻيو ته...؟ اڄ ڪلھ هي مسائل عام آهن، ڪم تمام گهڻو هلندو آهي، آمدن (Income) چڱي ڀلي ٿيندي آهي، پوءِ به پوري ناهي ٿيندي، کاڌو کائيندا آهيون پر جسم کي لڳندو ناهي، ڪافي ماڻهو شڪايت ڪندي نظر ايندا آهن ته ڏينهن خراب هلي رهيا آهن، سونَ کي هٿ هڻان ته مٽي ٿي ويندو آهي، طالبِ علمن کي شڪايت هوندي آهي: محنت گهڻي ڪندا آيون پر سبق ياد ئي ناهي ٿيندو وغيره. انهن سڀني مسئلن جا ٻيا به سبب (Reasons) آهن، هڪ سبب بسمِ الله شريف سان شروع نه ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو.

بد شگوني کان بچندا رهو!

   اسان وٽ هي مرض به تمام گهڻو عام آهي ته ماڻهو پنهنجي غلطي تسليم ناهن ڪندا، ٻين کي قصور وار سمجهندا آهن. هاڻي جيئن صفرُ المظفر جو مبارڪ مهينو آهي * هن مهيني ۾ ڪنهن شادي ڪئي، خوب دهل شرنايون وڳيون ، سڄي رات ڳائڻ وڄائڻ ٿيو، رقص جي محفل سجي، شيطان کي خوب خوش ڪيو ويو، الله نه ڪري اهڙي شادي جيڪڏهن خانه آبادي جي بدران خانه بربادي جي صورت اختيار ڪري وئي ته چوندا ڏٺوَ!...!! صفر ۾ شادي ڪئي هئائين، صفر ته آهي ئي نحوست وارو مهينو * صبح نمازِ فجر جو وقت گذرڻ کان بعد آرس ڀڃندي مزي سان اٿيا، جلدئي ۾ تياري ڪئي، دڪان يا دفتر ۾ پهتا، ڪو مسئلو ٿي پيو، آمدن گهٽ ٿي يا سيٺ دڙڪا ڏنا ته قصور ڪنهن جو؟