Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])

  اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

يهودي ۽ يهودِڻ جي دلچسپ حڪايت

   هڪ يهودي هڪ يهودڻ تي عاشق ٿي پيو، ان تي عشقِ مجازي جو اهڙو ته ڀوت سوار  ٿيو جو هي مجنون وانگر ٿي ويو، ايستائين جو ان کي کائڻ پيئڻ جو به هوش نه رهندو هو، پنهنجي ان پريشانيءَ جي حل جي لاءِ هي ان وقت جي وليُ الله حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجو سمورو حال عرض ڪيائين. حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه ان کي هڪ ڪاغذ تيبِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکي ڪري ڏني ۽ فرمايائون: هن کي ڳهي ڇڏ!

   جڏهن ان يهوديءَ ڪاغذ تي لکيل بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم کي ڳهي ڇڏيو، (پوءِ ڳهندي ئي ان جي دل ۾ انقلاب اچي ويو، ان) عرض ڪيو: اي عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه! مون ايمان جي حلاوت (يعني ايمان جي مٺاڻ) کي ماڻي ورتو ۽ منهنجي دل ۾ نور ظاهر ٿي چڪو، مان ان عورت (جي عشق) کي ويساري چڪو آهيان، مونکي اسلام بابت آگاھ (Inform) فرمايو. حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه ان کي اسلام جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو يهودي بِسمِ الله جي برڪت سان مسلمان ٿي ويو.

   هوڏانهن جڏهن ان يهودڻ ٻڌو ته ان جو ناڪام عاشق اسلام قبول ڪري چڪو آهي ته اها به حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه جي بارگاھِ عالي ۾ حاضر ٿي، عرض


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔