Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

ٻڌي ڪري صدمو (Shock) پهچي، ڪو ماري، دل ڏکائي، ٿاٻو اچي، گاڏي خراب ٿي وڃي، ٽريفڪ جام ٿي وڃي، ڪاروبار ۾ نقصان ٿي وڃي، چوري ٿي وڃي مطلب ته ننڍي يا وڏي ڪا به پريشاني هجي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ وَلَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّابِاللہ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم پڙهندي رهڻ جي عادت بڻائي وٺو! ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون نصيب ٿينديون.

شفا ته الله پاڪ جي نالي ۾ آهي

   مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو بيمار بسمِ الله پڙهي ڪري دوا پئي اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دوا فائدو ڏيندي. هڪ ڀيري حضرت موسٰي ڪليمُ الله عَلَيهِ السَّلَام جي پيٽ ۾ سخت درد ٿيو، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائين. ارشاد ٿيو: جهنگل جي فلاڻي ٻوٽي (Herb) کائو! پاڻ عَلَيهِ السَّلَام کاڌي ۽ فوراً آرام اچي ويو. ڪجھ ڏينهن کان بعد ٻيهر اها ئي بيماري ٿي، حضرت موسٰي ڪليمُ الله عَلَيهِ السَّلَام ٻيهر اها ئي ٻوٽي استعمال ڪئي پر تڪليف ۾ اضافو ٿي ويو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائين: الهي! هي ڇا راز آهي؟ دوا هڪ ۽ تاثير ٻه، پهريون ڀيرو ان شفا ڏني ۽ هن ڀيري بيماري وڌائي...؟؟ ارشاد ٿيو: اي موسٰي! پهريون ڀيرو منهنجي حڪم کان ٻوٽيءَ وٽ ويو هئين ۽ هن ڀيري پنهنجي طرف کان. اي موسٰي! شفا ته منهنجي نالي ۾ آهي، منهنجي نالي جي بغير دنيا جي هر شيءِ زهرِ قاتِل آهي ۽ منهنجو نالو ئي هن جو علاج (Treatment) آهي. ([1])

   معلوم ٿيو ڀروسو دوا تي نه بلڪ الله پاڪ تي رکڻ گهرجي. جيڪڏهن الله پاڪ چاهيندو تڏهن ئي دوا مان شفا ملندي هو نه چاهي ته اها ئي دوا بيماري وڌڻ جو سبب (Reason) بڻجي ويندي ۽ عام مشاهدو آهي ته هڪ ئي دوا سان هڪ بيمار صحت مند ٿي ويندو آهي ۽ اها ئي دوا جڏهن ٻيو بيمار پيئندو آهي ته ان کي منفي اثر (Side Effect) ٿي ويندو آهي ۽ وڌيڪ سخت بيمارين ۾ مبتلا يا


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ :1،سورۂ فاتحہ،جلد:1 ،صفحہ:55 بتغیر قلیل۔