Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

زهر  اَثَر  نه ڪيو...!!

    هڪ ڀيري صحابيءِ رسول حضرت خالِد بن وليد رَضِىَ الله عَنْه کي ڪجھ مجوسين عرض ڪيو: توهان اسان کي ڪا اهڙي نشاني ٻڌايو جنهن سان اسان تي اسلام جي سچائي واضح ٿي وڃي. حضرت خالِد بن وليد رَضِىَ الله عَنْه زهرِ قاتِل گهرايو ۽ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم پڙهي ڪري ان کي پي ڇڏيائون. بسمِ الله جي برڪت سان ان هلاڪ ڪندڙ پاڻ رَضِىَ الله عَنْه تي ڪو اثر نه ڪيو. هي منظر ڏسي ڪري مَجوسي (يعني باھ جي عبادت ڪرڻ وارا) بي اختيار پڪارڻ لڳا: دينِ اسلام حق آهي. ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته کائڻ يا پيئڻ کان پهريان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم  پڙهي وٺڻ جتي آخرت ۾ عظيم ثواب آهي اتي دنيا ۾ به ان جو هي فائدو آهي ته جيڪڏهن کائڻ يا پيئڻ جي شيءِ ۾ ڪي نقصان ڪار جُزا شامل هجن به ته اهي اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! نقصان نه ڪندا. خيال رهي! حضرت خالِد بن وليد رَضِىَ الله عَنْه بلند مرتبي وارا صحابي ۽ ڪامل ولي آهن، پاڻ تي زهر اثر نه ڪيو، هي پاڻ رَضِىَ الله عَنْه  جي ڪرامت ۽ نهايت ئي اعلٰي درجي جو تَوَڪُّل آهي، اسان جهڙن کي اهڙي ڪوشش ڪرڻ يعني ڄاڻي واڻي ڪري نقصان ڪار شيءِ کائڻ پيئڻ جائز ناهي.

وُضو کان پهريان بِسمِ الله پڙهو!

   حضرت ابو هريره رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي ابو هريره! جڏهن توهان وضو ڪيو ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم پڙهندا ڪريو جيستائين توهان جو وضو باقي رهندو ان وقت تائين توهان جا فرشتا (يعني ڪِراماً ڪاتِبين) توهان جي لاءِ نيڪيون لکندا رهندا. ([2])

هر قدم تي هڪ نيڪي

   تفسيرِ نعيمي ۾ آهي: جيڪو شخص ڪنهن جانور تي سوار ٿيڻ وقت بِسْمِ اللہ


 

 



[1]... تفسیرِ کبیر،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:155۔

[2]... معجم صغیر للطبرانی ،صفحہ:168 ،حدیث:196۔