Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

جيڪا 2 سورتن جي وچ ۾ فاصلي جي لاءِ لاٿي وئي آهي ۽ سيپارو 19 سورةُ النَّمۡل جي هڪ آيت جو حصو به آهي([1]) ارشاد ٿئي ٿو:

بِسۡمِ اللّٰہِ   الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ )۳۰    ((سيپارو: 19، سورة نمل: آيت 30)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ اهو الله جي نالي سان آهي جيڪو نهايت مهربان رحم وارو آهي.

هل چل مچي وئي

   صحابيءِ رسول حضرت جابِر بن عبد الله رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا: جڏهن بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم نازل ٿي ته ڪڪرَ اوڀر ڏي ڊوڙيا، هوائون رڪجي ويون، سمنڊ جوش ۾ اچي ويو، چوپاين غور سان ٻڌڻ جي لاءِ پنهنجا ڪن لڳايا ۽ شيطان کي آسمان مان پٿر هنيا ويا ۽ الله پاڪ فرمايو: مونکي منهنجي عزت ۽ جلال جو قَسم! جنهن شيءِ تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي وئي مان ان ۾ برڪت ڏيندُس. ([2])

بِسمِ الله شريف جي جامعيت

  الله پاڪ ڪجھ انبياءِ ڪرام عَلَيهِمُ السَّلَام تي صحيفا ۽ ڪتابَ نازل فرمايا جن جي تعداد 104 آهي. انهن مان 60 صحيفا حضرت شعيب عَلَيهِ السَّلَام تي، 30 صحيفا حضرت ابراهيم عَلَيهِ السَّلَام تي، 10 صحيفا حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام تي تورات لهڻ کان پهريان نازل ٿيا هئا. اهڙيءَ طرح 4 وڏا ڪتابَ نازل ٿيا: (1): تورات شريف حضرت موسٰي ڪليمُ الله عَلَيهِ السَّلَام تي (2): زَبور شريف حضرت داؤد عَلَيهِ السَّلَام تي (3): اِنجيل شريف حضرت عيسٰي روحُ الله عَلَيهِ السَّلَام تي ۽ (4): قرآنِ ڪريم اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي. انهن تمام ڪتابن ۽ تمام صحيفن جا مضامين (Topics) قرآنِ ڪريم ۾ ۽ سڄي قرآنِ ڪريم جو مضمون سورةِ فاتِحه ۾ ۽ سورةِ فاتِحه جو سمورو مضمون بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم ۾ ۽


 

 



[1]... حلبی الکبیر،صفحہ: 307 ملتقطاً

[2]... تفسیر در منثور ،پارہ:1، سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:26۔