Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

ڪرائي سگهجي ٿو. استخاره سروس جي لاءِ هن نئين نمبر (02137171711) جي ذريعي استخارو به ڪرائي سگهجي ٿو پنهنجا مسائل، پريشانيون بي روزگاريون ۽ جادو جنّات جي معاملات جي حل جي لاءِ هتي رابطو ڪيو. مدني چينل تي براھِ راست (Live) ٿيڻ وارو پروگرام روحاني علاج ضرور ڏسندا، ان پروگرام ۾ به مدني چينل جي ناظرين جي مسائل جي حل جي لاءِ روحاني علاج به ٻڌايا ويندا آهن ۽ استخارو به ڪيو ويندو آهي.

  الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ موبائل ايپليڪيشن Online rohani ilaj & istikhara  (آن لائن روحاني علاج ۽ استخارو) متعارف ڪرائي آهي. هن ايپليڪيشن جي مدد سان * توهان آن لائن استخارو ڪرائي سگهو ٿا * بيماري، نظرِ بد، جادو، جنّات وغيره مسائل جي حل جي لاءِ في سبيل الله تعويذات حاصل ڪري سگهو ٿا * ۽ آن لائن ڪاٽ به ڪرائي سگهو ٿا.

   وڌيڪ هن ايپليڪيشن ۾ * بيماري * غربت * غم، پريشاني * ۽ آفتن ۽ بلائن (Misfortunes) وغيره کان حفاظت جي لاءِ مختلف اوراد ۽ وظائف به شامل آهن. پنهنجي اسمارٽ فون ۾ هيءَ ايپليڪيشن انسٽال ڪري وٺو! پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

بِسمِ الله لکڻ جي فضيلت

   حضرت اَنَس رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن الله پاڪ جي تعظيم جي لاءِ بهترين شڪل ۾ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم  لکيو الله پاڪ ان کي بخشي ڇڏيندو،([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکڻ جو عظيم ثواب ماڻڻ جي لاءِ ٿي سگهي ته ڪڏهن ڪڏهن باوضو خوش خطي سان ڪاغذ وغيره تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکي وٺندا ڪريو، پر بي ادبي واري جڳھ تي هر گز نه لکو، ڀتين تي به آيات ۽ مقدس ڪلمات نه لکو جو آهسته آهسته لکائيءَ جا ذرا زمين تي ڇڻي پوندا آهن.


 

 



[1]... تاریخ اصبہان ،جلد:2،صفحہ:285 ،رقم:1746۔