Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

چيو، انهن کي وڃي ڪري ڪهڙيءَ طرح ٻڌايو ته هڪ ماڻهو توهان جي لاءِ ڪو پيغام کڻي آيو آهي ۽ اهو ٻاهر بيٺو آهي، ڪنهن اندر وڃي ڪري خبر ڏني. حضرت بشر حافي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمايو: ان کان پڇيو ته ڪنهن جو پيغام کڻي آيو آهي؟ بزرگ رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائڻ لڳا: الله پاڪ جو پيغام کڻي آيو آهيان. جڏهن پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيْه کي هيءَ ڳالھ ٻڌائي وئي ته جهومڻ لڳا ۽ فوراً پيرين اگهاڙي ٻاهر تشريف کڻي آيا الله پاڪ جو پيغام ٻڌي ڪري سچي دل سان توبھ ڪيائون ۽ ان بلند مقام تي وڃي پهتا جو الله پاڪ جي ديدار جي غلبي جي شدت سان پيرين اگهاڙي رهڻ لڳا. ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيْه حافي (يعني اگهاڙن پيرن وارو) جي لقب سان مشهو ٿي ويا. ([1])

بسمِ الله پڙهڻ واري جي بخشش ٿي وئي

   مسلمانن جو ڇوٿون خليفو حضرت علي رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، هڪ شخص بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم کي خوب عمده طريقي سان پڙهيو، ان جي بخشش ٿي وئي. ([2])   منقول آهي: هڪ گنھگار کي مرڻ کان بعد ڪنهن خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو، مَافَعَلَ اللہ بِکَ؟ يعني الله پاڪ توسان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان جواب ڏنو، هڪ ڀيري مان مدرسي جي ويجهو کان گذريس ۽ هڪ پڙهڻ واري بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي، ٻڌي ڪري منهنجي دل ۾ الله پاڪ جي مٺي مٺي نالي جي مٺاڻ اثر ڪيو ۽ انهيءَ وقت مون هي غيبي آواز ٻڌو، اسان ٻن شين کي جمع نه ڪنداسين (1): الله پاڪ جي نالي جي لذّت (2): موت جي سختي. ([3])

گنہگارو  نہ  گھبراؤ  نہ  گھبراؤ  نہ گھبراؤ                      نظر رَحمت پہ رکّھو جنّتُ الفردوس میں جاؤ


 

 



[1]... تذکرۃُ الاولیاء،صفحہ:105 ، 106 ملتقطاً۔

[2]... شُعُبُ الایمان،جلد:2،صفحہ:546 ،حدیث:2667۔

[3]... انیس الواعِظین،صفحہ:4۔