Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي نالي مبارڪ مان لذّت حاصل ڪرڻ وارو، رحمتن جي ڇانوَ ۾ دنيا مان رخصت ٿيندو آهي ۽ موت ان جي لاءِ نجات ۽ بخشش جو پيغام آڻيندو آهي، الله پاڪ جي رحمت تمام وڏي آهي، هو ننڍڙي نيڪيءَ تي نوازيندو آهي، بظاهر معمولي نظر اچڻ وارن اعمال جي سبب وڏن کان وڏن گناھگارن کي بخشيو ويندو آهي.

رَحمتِ حق  بَہاَ نہ  مِی  جُوید    رَحمتِ حق  بَہانہ مِی  جُوید

وضاحت: الله پاڪ جي رحمت بَهَا (يعني قيمت) طلب ناهي ڪندي بلڪه الله پاڪ جي رحمت ته بهانو تلاش ڪندي آهي.

   اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان! بسمِ الله شريف پڙهڻ، ٻڌڻ، ان کي لکڻ ۽ ان جي تعظيم ڪرڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. اسان کي به گهرجي ته اسان به بسمِ الله شريف پڙهڻ جي عادت بڻايون، الله پاڪ اسان کي توفيق نصيب فرمائي. اچو! آخر ۾ بسمِ الله شريف بابت ڪجھ احڪام ۽ ڪجھ فائدي مند وظائف ٻڌون ٿا:

بسمِ الله شريف جون 14 برڪتون

(1): حضرت شيخ ابو العباس احمد بن علي بوني رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا، جيڪو  لاڳيتو 7 ڏينهن تائين بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 786 ڀيرا (اوّل آخر هڪ ڀيرو درود شريف) پڙهي. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي هر حاجت پوري ٿيندي. هاڻي اها حاجت توڙي جو ڀلائي حاصل ڪرڻ جي هجي يا برائي دور ڪرڻ جي يا ڪاروبار هلڻ جي. ([1]) (2): جيڪو سمهڻ وقت بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 21 ڀيرا (اوّل آخر هڪ ڀيرو درود شريف) پڙهي
اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  ان رات شيطان، چوري، اوچتي موت  ۽ هر طرح جي آفت ۽ بلا کان محفوظ رهندو. (3): جيڪو شخص سج اڀرڻ وقت سج ڏي رخ ڪري بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم 300 ڀيرا ۽ درود شريف 300 ڀيرا پڙهي الله پاڪ ان کي اهڙي


 

 



[1]... شمسُ المعارف مترجَم ،صفحہ:74  بتغیر قلیل ۔