Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

نالو يا ڪلمهءِ طيّبه وغيره نقش ٿيل هجي ان جو پائڻ مرد جي لاءِ ناجائز آهي. عورت سون يا چاندي جي ڊٻيءَ ۾ تعويذ پائي سگهي ٿي. ([1])

نڪهير جو علاج

   جيڪڏهن ڪنهن جي نڪهير وهي ۽ رت وهڻ لڳي ته شهادت جي آڱر سان پيشانيءَ کان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکڻ شروع ڪري نڪ جي آخر تي ختم ڪري اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!    رت بند ٿي ويندي. ([2])

   اي عاشقانِ رسول!الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي شعبه جات ۾ هڪ شعبو روحاني علاج به آهي، جيڪو رات ڏينهن پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏکايل امّت جي غمخواري ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.

 الحمد لله! لکين بيمار ۽ پريشان حال ماڻهن جو هن شعبي جي ذريعي بلڪل مُفت روحاني علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل روحاني علاج، اوراد ۽ وظيفا ۽ تعويذات جون برڪتون صرف ڪنهن مخصوص علائقي يا شهر تائين ئي محدود ناهن بلڪه الحمد لله! پاڪستان کان علاوه 32 ملڪن ۾ اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي روحاني علاج جا هزارين بسته لڳايا وڃن ٿا، جنهن ۾ سڄي دنيا جا پريشان حال مسلمان پنهنجا مسئلا، پريشانيون، بي روزگاري جي مسئلن ۽ جادو جنّات جي معاملن جي حل جي لاءِ هتي رابطو ڪندا آهن.

   پيارا اسلامي ڀائرو! توهان به ويجهي لڳڻ واري روحاني علاج جي بستي تان اوراد ۽ وظائف، تعويذات ۽ پنهنجي مسئلن جو حل ڪرائي سگهو ٿا. جادو، جنّات، عمليات، نظرِ بد وغيره مسائل جي حل جي لاءِ ڪاٽ جو عمل به ڪيو ويندو آهي. جانورن ۾ پکڙجڻ واري وائرس جي لاءِ تعويذ ۽ روحاني علاج


 

 



[1]... فیضان سنت، صفحہ : 69

[2]... فیضان سنت،صفحہ :73