Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

ڪيائين: اي امامُ المُسلمين! مان ئي اها عورت آهيان جنهن جي عشق ۾ اهو اسلام قبول (Accept) ڪرڻ وارو اڳوڻو  يهودي مبتلا هو، مون خواب ۾ ڏٺو: ڪو چوڻ وارو مونکي چئي رهيو هو: جيڪڏهن تون جنّت ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ڏسڻ چاهين ٿي ته حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي وڃ، هو توکي تنهنجو ٺڪاڻو ڏيکاري ڇڏيندو. مان حاضر آهيان، ٻڌايو! جنّت ڪاٿي آهي؟ حضرت عطاء رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمايو: جيڪڏهن جنّت جو ارادو آهي ته توکي پهريان ان جو دروازو کولڻو پوندو، ان کان بعد تون جنّت ۾ وڃي سگهين ٿي. يهودڻ چيو: جنّت جو دروازو ڪيئن کوليان؟ فرمايائون: بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙھ! ان بِسمِ الله شريف پڙهي، (پوءِ پڙهندي ئي ان جي دل ۾ انقلاب (Revolution) اچي ويو) چوڻ لڳي: اي عطاء (رَحْمَةُ الله عَلَيْه)! مون پنهنجي دل ۾ نور ماڻي ورتو، مونکي اسلام کان آگاھ فرمايو. پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيْه ان تي اسلام پيش ڪيو ته بِسمِ الله شريف جي برڪت سان اها به مسلمان ٿي وئي.

انهيءَ رات جڏهن اها نو مسلم خاتون سُتي ته خواب ۾ جنّت ۾ داخل ٿي، اتي هڪ خوبصورت محل (Beautiful Palace) ۽ گنبذ ڏٺائين، هڪ گنبذ تي لکيل هو:

بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لَآ اِلٰہَ اِلَّاا للہُ  مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ

   عورت هي الفاظ پڙهيا ته ڪنهن پڪاري ڪري چيو: اي پڙهڻ واري! الله پاڪ هي سڀ توکي عطا فرمائي ڇڏيو آهي. ([1])

بسم اللہ  کی  بَرَکت  ہے                                         ہم  نے  پائی  جنّت  ہے

کتنی   اچّھی   قسمت   ہے                                          یہ سب ربّ کی رَحمت ہے

بِسمِ الله شريف قرآنِ پاڪ جي هڪ آيت جو حصو  آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم قرآنِ ڪريم جي هڪ پوري آيت آهي


 

 



[1]... کتاب القلیوبی، حکایت:26،صفحہ:22 ،23