Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

هڪ ڀيري رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿان گذريا، اتي زمين تي بسمِ الله شريف لکيل هئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن هي ڏسي ڪري فرمايو: ايئن ڪرڻ واري تي لعنت هجي، بسمِ الله کي ان جي جڳھ تي ئي رکو. ([1])

اَزْخُدَا    خَوَاہَیْم    توفیقِ    ادب                                                                بے ادب مَحروم گَشْت از فضلِ ربّ

وضاحت: اسان الله پاڪ کان ادب جي توفيق جا طلبگار آهيون ڇوته بي ادب فضلِ رب کان محروم ٿي ڪري دربدر ذليل ۽ خوار ٿيندو آهي.

شرابي ولي بڻجي ويو

    حضرت بِشر حافي رَحْمَةُ الله عَلَيْه توبھ کان پهريان وڏا شرابي هئا. پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيْه هڪ ڀيري شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي ڪري ڪيڏانهن وڃي رهيا ها ته رستي ۾ هڪ ڪاغذ تي نظر پئي جنهن تي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکيل هو. پاڻ رَحْمَةُ الله عَلَيْه اهو کڻي ورتو ۽ عطر خريد ڪري بسمِ الله شريف واري ڪاغذ کي خوشبودار ڪيائين، پوءِ ان کي هڪ بلند جڳھ تي ادب سان رکي ڇڏيائين. انهيءَ رات هڪ بزرگ رَحْمَةُ الله عَلَيْه خواب ۾ ٻڌو، ڪو چئي رهيو آهي وڃ! بشر کي چئو ته توهان منهنجي نالي کي خوشبودار ڪيو آهي، ان جي تعظيم ڪئي ۽ ان کي بلند جڳھ تي رکيو اسان به توهان کي پاڪ ڪنداسين. ان بزرگ دل ۾ سوچيو ته بشر ته شرابي آهي. شايد مونکي خواب ۾ غلط فهمي ٿي آهي. بهرحال انهن وضو ڪيو، نفل پڙهيا ۽ وري سمهي پيا. ٻئين ۽ ٽئين ڀيري به اهو ئي خواب ڏٺو ۽ هي سڀ به ٻڌائون ته اسان جو پيغام بِشر جي ئي طرف آهي، وڃو! ۽ انهن کي اسان جو پيغام پهچايو! اهي بزرگ رَحْمَةُ الله عَلَيْه حضرت بِشر رَحْمَةُ الله عَلَيْه جي تلاش ۾ نڪري پيا. انهن کي خبر پئي ته اهي شراب جي نشي ۾ آهن ته اتي پهتا ۽ بِشر کي آواز ڏنائون. ماڻهن ٻڌايو ته اهي ته نشي ۾ بد مست آهن! انهن


 

 



[1]... تفسیر در منثور ،پارہ:1، سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:29۔