Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

کائڻ کان پهريان بِسمِ الله پڙهو!

  کائڻ پيئڻ کان پهريان بسم الله پڙهڻ سنّت آهي. حضرت حذيفه رَضِىَ الله عَنْه روايت ڪن ٿا ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن کاڌي تي بسم الله نه پڙهي وڃي اهو کاڌو شيطان جي لاءِ حلال ٿي ويندو آهي (يعني بسم الله نه پڙهڻ جي صورت ۾ شيطان ان کاڌي ۾ شريڪ ٿي ويندو آهي.) ([1])

   کائڻ کان پهريان بِسمِ الله نه پڙهڻ سان کاڌي ۾ بي برڪتي ٿيندي آهي. حضرت ابو ايّوب انصاري رَضِىَ الله عَنْه فرمائن ٿا، اسان تاجدارِ رسالت، ماھِ نُبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ سراپا رحمت ۾ حاضر هياسين. کاڌو پيش ڪيو ويو، شروع ۾ ايڏي برڪت اسان ڪنهن کاڌي ۾ نه ڏٺي پر آخر ۾ وڏي بي برڪتي ڏٺي. اسان عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ايئن ڇو ٿيو؟ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اسان سڀني کاڌو کائڻ وقت بسمِ الله پڙهي هئي. پر هڪ شخص بِسمِ الله پڙهڻ جي بغير کائڻ جي لاءِ ويهي رهيو، ان سان گڏ شيطان (Devil) کاڌو کائي ورتو. ([2])

   اُمُّ الۡمُؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ الله عَنْها فرمائن ٿيون ته تاجدارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ڪو شخص کاڌو کائي ته الله پاڪ جو نالو وٺي (يعني بسم الله پڙهي) ۽ جيڪڏهن شروع ۾ بسم الله  پڙهڻ وسري وڃي ته هيئن چئي: بسم اللہ اَوَّلَہ ٗ وَ اٰخِرَہ. ([3])

   پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به کاڌو کائو ته ياد ڪري بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحیم پڙهي وٺندا ڪريو. جيڪو کاڌو کائڻ کان پهريان بسۡمِ الله ناهي پڙهندو ان جي کاڌي ۾ قَرِين نالي شيطان به شريڪ ٿي ويندو آهي.


 

 



[1]... مسلم ،کتاب الاشربۃ، باب  آداب الطعام و الشراب و احکامہما ،صفحہ:802 ، حدیث:2017 ۔

[2]... شرح السنہ ،کتاب الاطعمہ ، ،جلد:6، صفحہ: 480، حدیث:2824 ۔

[3]... ابوداؤد ،کتاب الاطعمہ،باب التسمیۃ علی الطعام ،صفحہ:596،حدیث:3767۔