Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

مونکي حياء آيو ته مان ان شخص کي زمين جي اندر عذاب ڏيان، جنهن جو ٻار زمين جي مٿان منهنجو نالو وٺي رهيو آهي. ([1])

اے خدائے مصطَفےٰ میں، تری رحمتوں پہ

قُرباں ہو کرم سے میری بخشش ، بَطُفیلِ  شاہِ جِیلاں

   سُبۡحانَ الله! اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي ٽاٽا، پاپا سيکارڻ جي بدران شروع کان ئي الله پاڪ جو نالو وٺڻ سيکاريون ۽ صرف هي ناهي ته مرڻ وارن والدين کي ئي هن جون برڪتون حاصل ٿينديون آهن، خود سکڻ سيکارڻ وارن کي به هن جون برڪتون نصيب ٿينديون آهن تنهنڪري پنهنجي ٻارن ٻچن سان کيڏيندي سيکارڻ (Teaching) جي نيّت سان انهن جي سامهون بار بار الله الله ڪندا رهون ته اهي به اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  زبان کوليندي ئي سڀ کان پهريون لفظ الله چوندا.

آفتون دور ٿيڻ جو آسان وظيفو

مسلمانن جو چوٿون خليفو حضرت علي رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي، سلطانِ مڪهءِ مڪرمه، تاجدارِ مدينيءِ منَوّره صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي علي (رَضِىَ الله عَنْه)! مان توهان کي اهڙا ڪلمات نه ٻڌايان جنهن کي توهان مصيبت جي وقت پڙهي وٺو! عرض ڪيائين: ضرور ارشاد فرمايو! اوهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي منهنجي جان قربان! تمام چڱايون مون توهان کان ئي سکيون آهن. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي  پئو ته هن طرح پڙهو: بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ وَلَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّابِاللہ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم بس الله پاڪ ان جي برڪت سان جن بلائن کي چاهيندو دور فرمائي ڇڏيندو. ([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به بيماري، قرضداري، مقدّمه بازي، بي روزگاري (Unemployment) يا ڪا به آفت اچي وڃي، ڪا شيءِ گُم ٿي وڃي، ڪنهن جي ڳالھ


 

 



[1]... تفسیر کبیر،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:155 بتغیر

[2]... عَمَلُ الْیَوْمِ وَاللَّیْلَۃِ لا بن سُنّی ،صفحہ:149 ،حدیث:337