Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

پڙهي وٺو نه ته 70 شيطان مٿي ۾ تيل وجهڻ ۾ شريڪ ٿي ويندا. (11): گهر جو دروازو بند ڪرڻ وقت ياد ڪري بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي وٺو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  شيطان ۽ سرڪش جنّات گهر ۾ داخل نه ٿي سگهندا. (12): رات جو کائڻ پيئڻ جا ٿانوَبسمِ الله شريف پڙهي ڪري ڍڪي ڇڏيو، جيڪڏهن ڍڪڻ جي لاءِ ڪا شيءِ نه هجي ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم چئي ڪري ٿانو جي منهن تي ڪکُ وغيره رکي ڇڏيو. مسلم شريف جي هڪ روايت ۾ آهي: سال ۾ هڪ رات اهڙي ايندي آهي جو ان ۾ وبا لهندي آهي جيڪو ٿانو ڍڪيل ناهي هوندو، جيڪڏهن اتان اها وبا گذرندي آهي ته ان ٿانوَ ۾ لهي ويندي آهي. ([1])  (13): سمهڻ کان پهريان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي ڪري 3 ڀيرا بسترو ڇنڊي وٺو، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  موذيات (يعني ايذا ڏيڻ وارين شين) کان پناھ حاصل ٿيندي. (14): ڪاروبار ۾ جائز ڏيتي ليتي جي وقت يعني جڏهن ڪنهن کان وٺو ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهو ۽ جڏهن ڪنهن کي ڏيو ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم چئو اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  خوب برڪت ٿيندي. ([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم ڪنهن قاري صاحب يا عالِم صاحب کي ٻڌائي وٺو جيڪڏهن حروف صحيح مخارج سان ادا نه ٿيندا هجن ته سکي وٺو نه ته فائدي جي بدلي نقصان جو انديشو آهي. ياربِّ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جي برڪتن سان مالامال فرماءِ ۽ هر نيڪ ۽ جائز ڪم جي شروعات ۾ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهڻ جي توفيق عطا فرماءِ

   آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صلی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم   

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: چوڪ درس

    پيارا اسلامي ڀائرو! سنّتن جو عامِل ۽ نيڪ پرهيزگار بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽


 

 



[1]... مسلم،کتاب الاشربۃ،باب الامر بتغطیۃ الاناء و ایکاء السقاء…الخ،  صفحہ:802 ،حدیث:2014۔

[2]... فیضان سنت، جلد:1 ،صفحہ :134 ،138