Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى الله عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

پاڻي پيئڻ جون سنّتون ۽ آداب

 فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اُٺ وانگر هڪ ئي ساهي ۾ نه پيو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسۡمِ الله پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلحَمۡدُ لله عَزَّ وَجَلَّ چوندا ڪريو!. ([2])

  اي عاشقانِ رسول! پاڻي هجي يا ڪا ٻي پيئڻ جي شيءِ * پيئڻ کان پهرين بِسۡمِ الله پڙهو * چوسي ڪري ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀريو، وڏا ڍُڪ ڀَرڻ سان جگر (Liver) جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽن ساهين ۾ پيئو * ساڄي هٿ سان ۽ ويهي پاڻي پيئو * لوٽي وغيره مان وضو ڪيو هجي ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي جو اهو آبِ زمزم شريف سان مشابهت رکي ٿو، ان 2 (يعني وضو جو بچيل پاڻي ۽ آب زمزم شريف) کان علاوه ٻيو ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي. اهي ٻئي پاڻي قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوءَ ۾ ڪا نقصان واري شيء وغيره ته ناهي * پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله چئو * امام محمد بن محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: بِسۡمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري پهرين ساهي جي آخر  


 

 



[1]... تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343

[2]... ترمذی،  کتاب الاشربۃ، صفحہ:464، حدیث:1885۔