Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

معذور ٿي ويندو يا موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي. تنهنڪري جڏهن به دوا پيو ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙهي وٺو يا بسْمِ اللہ شَافِیْ بسْمِ اللہ کَافیِ چئي وٺو.

بخار جو علاج

   منقول آهي، هڪ شخص کي بخار ٿيو، ان جي استادِ محترم حضرت شيخ فقيه ولي عمر بن سعيد رَحْمَةُ الله عَلَيْه عيادت جي لاءِ تشريف کڻي آيا، ويندي وقت هڪ تعويذ عنايت ڪري فرمايائون: هن کي کولي ڪري نه ڏسجانءِ. سندن وڃڻ کان بعد ان تعويذ ٻَڌي ڇڏيو، فوراً بخار لهي ويو. هو رهي نه سگهيو، کولي ڪري ڏٺائين ته بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکيل هئي. دل ۾ وسوسو آيو، هي ته ڪو به لکي سگهي ٿو! عقيدت ۾ گهٽتائي ايندي ئي فوراً بخار (Fever) موٽي آيو. گهٻرائي ڪري حضرت جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ غلطيءَ جي معافي گهريائين. شيخ ٻيهر تعويذ ٺاهي ڪري پنهنجي مبارڪ هٿ سان ٻڌي ڇڏيو، بخار فوراً لهي ويو. هن ڀيري ڏسڻ کان منع نه فرمايو هو پر خوف سبب کولي ڪري نه ڏٺائين. آخرڪار سال کان بعد جڏهن کولي ڪري ڏٺائين ته اها ئي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم لکيل هئي. ([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جون وڏيون برڪتون آهن ۽ هن ۾ بيمارين جو علاج به آهي. هن حڪايت مان درس مليو ته بزرگانِ دين، الله پاڪ جا ٻانها جيڪڏهن مباح (يعني جائز) ڳالھ کان به منع ڪري ڇڏين ته سمجھ ۾ نه اچڻ جي باوجود به ان کان رڪجي رهڻ گهرجي. هي به درس مليو ته تعويذ کولي ڪري نه ڏسڻ گهرجي جو هن سان اعتقاد ڪمزور ٿيڻ جو انديشو رهندو آهي. ٻيو ته هن کي ويڙهڻ جي مخصوص طريقي سان گڏوگڏ ويڙهڻ جي دوران ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ پڙهيل به هوندو آهي. تنهنڪري کولي ڪري ڏسڻ سان ان جي فائدن (Benefits) ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

مٿي جي سور جو علاج

   قيصرِ روم (روم جو بادشاھ) مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ


 

 



[1]... فیضان سنت،صفحہ :63۔