Book Name:بسم اللہ Sharif ki Barkat

بِسمِ الله جي 19 اکرن جون حڪمتون

  امام فخرُ الدّين رازي رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکن ٿا: بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جا 19 اکر آهن ۽ دوزخ تي عذاب ڏيڻ وارا فرشتا به 19 آهن بس اميد آهي ته هن جي هڪ هڪ اکر جي برڪت سان هڪ هڪ فرشتي جو عذاب دور ٿي وڃي.

   وڌيڪ فرمائن ٿا: ڏينهن رات ۾ 24 ڪلاڪ آهن جن مان 5 ڪلاڪ 5 نمازن گهيري ورتا ۽ 19 ڪلاڪن جي لاءِ بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جا 19 حروف عطا فرمايا ويا. هاڻ جيڪو خوش نصيب بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم جو وِرد ڪندو رهي،  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جو هر ڪلاڪ عبادت ۾ شمار (Count) ٿيندو ۽ هر ڪلاڪ جا گناھ معاف ٿيندا.  ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! غيبتن ۽ گناھن ڀري گفتگو کان رشتو ٽوڙيو! ۽ الله پاڪ جي يادين، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نعتن سان رشتو جوڙيو! خوب درود ۽ سلام جي لاءِ زبان جو استعمال ڪيو ۽ خوب خوب تلاوتِ قرآنِ پاڪ ڪيو ۽ ثواب جو ڍيرون ڍير خزانو حاصل ڪيو.

رِہائی مجھ کو ملے کاش!نفس و شیطاں سے                                            ترے  حبیب  کادیتا ہوں  واسِطہ یا ربّ!

گناہ  بے عدد  اور  جرم  بھی     ہیں     لاتعداد                                                   کر عَفو  سہ نہ  سکوں  گا کوئی  سزا یاربّ!

ڪم اڌورا رهجي ويندا آهن

   الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: کُلُّ اَمْرٍ ذِیْ بَالٍ لَا یُبْدَءْ فِیْہِ بِبِسْمِ اللہ فَہُوَ اَقْطَع يعني جيڪو به اهم ڪم بسم الله سان شروع ناهي ڪيو ويندو، اهو اڌورو رهجي ويندو آهي. ([2])


 

 



[1]... تفسیر کبیر ،پارہ:1،سورۂ فاتحہ،جلد:1،صفحہ:156۔

[2]... جامع صغیر، صفحہ:391، حدیث:6284۔