Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                           صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد

شرارتي نوجوان ڪيئن سڌريو...؟

  عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي شروعاتي ڏهاڙن جي ڳالھ آهي، هڪ ڀيري اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪٿي بيان ڪري پيادل ئي واپس تشريف کڻي اچي رهيا هئا، رات ڪافي ٿي چڪي هئي، 2 اسلامي ڀائر سندن سان گڏ هئا، رستي ۾ هڪ هنڌ ڦٽ پاٿ (Footpath) تي ڪجھ نوجوان فضول ڪچهري ۾ مشغول هئا، انهن جو ظاهري حُليو ٻڌائي رهيو هو ته هي ڪي شريف ماڻهو ناهن. جڏهن اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انهن جي ڀرسان گذريا ته انهن مان هڪ نوجوان کي شرارت ذهن ۾ آئي، ان پان جي ٿڪ کين ڪپڙن تي اڇلائي، ڪپڙا خراب ٿي ويا.

   هي غير اخلاقي حرڪت توڙي جو سخت ڪاوڙ ڏياريندڙ هئي پر هڪ مبلغ هر جڳھ هر حال ۾ مبلغ ئي هوندو آهي، اهو پنهنجي نفس جي خاطر ڪاوڙ ناهي ڪندو بلڪه نرمي ۽ حڪمتِ عملي سان نيڪيءَ جي دعوت کي عام ڪندو آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن به اهو ئي ڪيو، پاڻ ان شرارتي نوجوان جي ويجهو تشريف کڻي آيا، سلام ڪيائون ۽ نهايت ئي نرمي سان فرمايائون: پيارا ڀاءُ! مون تي پان جي ٿڪ اڇلائي ڪري توهان کي ڇا مليو؟ شرارتي نوجوان سخت لهجي ۾ چيو: بس اسان کي مولوين کي تنگ