Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

علّامه اِبنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: خوفِ خدا جي ذريعي ٻانهي کي پاڪيزگي ملندي آهي، تقوٰي نصيب ٿيندو آهي، خوفِ خدا ئي آهي جيڪو نفساني خواهشن کي ساڙي ڇڏيندو آهي ۽ خوفِ خدا جي ذريعي ئي ماڻهو الله پاڪ جو قرب ماڻڻ وارا اعمال ڪري سگهندو آهي. ([1])

دعوتِ اسلامي ۽ خوفِ خدا جو واڌارو

 اي عاشقانِ رسول! هلندڙ دور ۾ جڏهن ماديت پرستي عام آهي، ماڻهو عقل جا گهوڙا ڊوڙائيندا آهن، دلين تي غفلت ڇانئيل هوندي آهي، اهڙيون به خبرون آهن ته والد جو انتقال ٿيو، گهر جي ٻاهران ايصالِ ثواب جي محفل سجيل آهي ۽ اولاد گهر ۾ فلمون ڊراما ڏسڻ ۾ مصروف آهي.

  الله اڪبر! جڏهن اهڙا حالات هجن ته خوفِ خدا جو ته شايد تصوّر به نٿو ڪري سگهجي پر قربان وڃو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي اها ديني تحريڪ آهي جيڪا اڄوڪي دور ۾ به قبر جي ياد ڏياري ٿي، اڄوڪي هن ترقي يافته دور ۾ به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾اهڙا کوڙَ سارا ماڻهو ملندا جن جا معمولات اسلاف (يعني پهريان جي نيڪ ماڻهن) جي ياد ڏيارين ٿا، قبرستان وڃڻ، قبرن کي ڏسي ڪري خوفِ خدا ۾ روئڻ، جنازو ڏسي ڪري تڙپي وڃڻ، راتين جو اٿي ڪري خوفِ خدا ۾ لڙڪ وهائڻ، روئي روئي ربَّ جي بارگاھ ۾ توبھ ڪرڻ، هي اهي مقدّس ڪيفيتون آهن جيڪي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ عام ڏسڻ جي لاءِ ملنديون آهن. الحمد لله! هن وقت شايد دعوتِ اسلامي هڪ ئي ديني تحريڪ آهي جيڪا دلين کي خوفِ خدا ۾ تڙپائيندي آهي.

اللہ کے ڈر میں، اُلفت میں مُحَمَّد( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) کی              کرواتی زِیادَت ہے  یہ دعوتِ اسلامی


 

 



[1]...مکاشفۃ القلوب،صفحہ:288 بتقدم و تاخر۔