Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

واقعي اثر ٿيندو آهي، سيپارو 27، سورة ذاريات، آيت: 55 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَّ  ذَکِّرۡ فَاِنَّ  الذِّکۡرٰی تَنۡفَعُ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ  (۵۵(سيپارو: 27، سورة ذاريات، آيت 55)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ سمجهائيندا رهو ڇوته سمجهائڻ ايمان وارن کي فائدو ڏيندو آهي.

علّامه محمود آلوسي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آيتِ ڪريمه جي معنٰي بيان ڪندي فرمائن ٿا: اي محبوب ( صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) هميشه واعظ ۽ نصيحت ڪندا رهو جو بيشڪ واعظ ۽ نصيحت سان ايمان وارن جي دل جي روشني وڌندي ۽ ايمان ۽ يقين ۾ اضافو ٿيندو آهي. ([1])

  پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ڪنهن وقت به نه ڇڏڻ گهرجي، حالات ڪهڙا به هجن، ٻانهو دعوت ڏيندو رهي، برائين کان منع ڪندو رهي، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جو فائدو ئي ٿيندو، نقصان ناهي.

  تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو هڪ فائدو هي آهي ته جنهن کي سمجهايو وڃي، ان جي باري ۾ اميد هوندي آهي ته هو برا ڪم ڇڏي ڪري نيڪ ڪم ڪرڻ لڳندو، ٻيو فائدو هي آهي ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ جي ذميداري (Responsibility) پوري ٿي ويندي. ([2])

  امام فخرُ الدّين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو آهي: ڪافرن کي به سمجهايو! ممڪن آهي ته نيڪي جي دعوت جي برڪت سان هو ايمان قبول ڪن، ايئن انهن کي به فائدو پهچي، جيڪڏهن اهي ايمان قبول نه ڪن، تڏهن به


 

 



[1]...تفسیر روح المعانی ،پارہ:27 ،سورۂ ذاریات،تحت الآیۃ:55 ،جز :27 ،جلد:14 ،صفحہ:30۔

[2]...تفسیر صراط الجنان ،پارہ :27، سورۂ ذاریات ،تحت الآیۃ:55 ،جلد:9 ،صفحہ:510۔