Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

جو سامان ڪري ڇڏيو. ([1])

شہا! ایسا جذبہ پاؤں کہ میں خوب سیکھ جاؤں                تیری سنتیں سکھانا مَدَنی مدینے والے

  پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي توهان جي دعوتِ اسلامي...!! ٻارن کان وٺي ڪري پوڙهڻ تائين، معاشري جي هر طبقي، هر ماڻهو تائين علمِ دين پهچائڻ، سنّتن کي عام ڪرڻ دعوتِ اسلامي جو مشن (Mission) آهي ۽ الحمد لله! دعوتِ اسلامي هن ۾ ڪامياب به آهي ۽ وڌيڪ اڳتي جو سفر جاري آهي.

اچو! مدني مقصد ملي ڪري دهرايون ٿا: مونکي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!

اللہ! کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                            اے دعوتِ اسلامی تِری دھوم مچی ہو

دعوتِ اسلامي جو هڪ ممتاز ڪارنامو

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي معاشري جو هڪ نهايت ئي افسوسناڪ پهلو آهي، اهو هي ته اسان جي معاشري ۾ چوڻ وارا تمام گهڻا آهن، ڪرڻ وارا تمام گهٽ آهن. هي سڀ چوندا آهن ته پنهنجي اصلاح ڪريو! پوري معاشري جي اصلاح ٿي وڃي. وڏا وڏا مفڪر، تجزيه نگار، تبصرا ڪرڻ وارا سڀ هيءُ ئي چوندا آهن پر سنجيدگي سان پنهنجي اصلاح تي توجھ ڏيڻ وارن جو تعداد بلڪل گهٽ بلڪه نه هئڻ جي برابر آهي.

  الحمد لله! دعوتِ اسلامي جو هي ممتاز ڪارنامو آهي ته دعوتِ اسلامي مدني مقصد ئي هي ڏنو آهي: مونکي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڄڻ ته دعوتِ اسلامي جو ڪم شروع ئي پنهنجي اصلاح کان آهي. پوءِ هي به آهي ته دعوتِ اسلامي صرف هي مقصد ئي ناهي ڏنو بلڪه


 

 



[1]...25 کرسچین قیدیوں اور پادری کا قبولِ اسلام،صفحہ:15 -16۔