Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

پنهنجي اصلاح ڪرڻي ڪيئن آهي؟ هن جو طريقو ڇا هوندو؟ دعوتِ اسلامي هن جو پورو نظام ڏيندي آهي.

  الله پاڪ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تي رحمتن جو نزول فرمائي، پاڻ سڄي دنيا جي عاشقانِ رسول کي نيڪ اعمال جي سوغات عطا ڪئي آهي، اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 نيڪ اعمال، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63، مدرسةُ المدينه جي ٻارن جي لاءِ 40، جامعةُ المدينه جي طالبن جي لاءِ 92 نيڪ اعمال. نيڪ اعمال نالي هڪ رسالو آهي، ان ۾ مختلف سوالات لکيل آهن، هر سوال جي هيٺان خالي خانا ڏنا ويا آهن، روزانو مقرر وقت تي انهن سوالن کي پڙهي ڪري پنهنجي سڄي ڏينهن جي اعمال جو جائزو وٺڻ ۽ خانه ڀرڻا هوندا آهن.

  الحمدلله! سڄي دنيا ۾ لکين لکَ عاشقانِ رسول آهن جيڪي نيڪ اعمال جو رسالو ڀريندا ۽ ان جي ذريعي پنهنجو جائزو وٺي ڪري پنهنجي اصلاح جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن. الله پاڪ جي فضل سان اڄوڪي دور ۾ هي دعوتِ اسلامي جو ممتاز ڪارنامو آهي جو دعوتِ اسلامي لکين لکَ عاشقانِ رسول کي عملي طور تي پنهنجي اصلاح جو فڪر ڪرڻ وارو بڻائي ڇڏيو آهي.

میں بن جاؤں سراپا مَدنی اِنعامات کی تصویر                                            بنوں  گا  نیک یا اللہ اگر  رَحمت  تِری   ہوگی

نوٽ: دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اعمال چيو وڃي ٿو.

دعوتِ اسلامي ۽ نيڪ صحبت جي فراهمي

 پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪي ڪرڻ، نيڪ بڻجي وڃڻ تمام اهم آهي پر ان کان وڌيڪ اهم آهي جو ٻانهو نيڪين تي ثابت قدم رهي، نيڪين تي استقامت حاصل ڪري. ان جي لاءِ سڀ کان ضروري جيڪا شيءِ آهي، اها آهي: نيڪ صحبت. جيڪڏهن نيڪين جو ذهن ملڻ سان گڏوگڏ ماڻهو کي نيڪ صحبت به