Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

ساڙيو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح قوم جڏهن پنهنجي مرڪز کان جدا ٿي وڃي ته ته ڊگهي عرصي تائين زندھ ناهي رهي سگهندي، جلدئي تباھ ۽ برباد ٿي ويندي آهي.

  اسان مسلمانن جو مرڪز ڇا آهي؟ اسان جو مرڪز رسولِ خدا، امامُ الۡانبياء، احمدِ مجتبٰي، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، تنهنڪري جيستائين مسلمان عشقِ مصطفٰي جي ذريعي پنهنجي مرڪز سان مضبوط نه ٿي وڃن، ان وقت تائين معاشري جي نه اصلاح ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي معاشرو ترقي جي طرف وڌي سگهي ٿو.

دعوتِ اسلامي ۽ عشقِ رسول جو واڌارو

 الحمدلله! توهان جي دعوتِ اسلامي عشقِ رسول جا چراغ روشن ڪندي آهي، شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، بانيءِ دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پاڻ به تمام وڏا عاشقِ رسول آهن ۽ پاڻ ڪروڙين دلين ۾ عشقِ رسول جا چراغ روشن ڪيا آهن

   ۽ الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي صرف عشقِ رسول جو نعرو ناهي لڳائيندي، دعوتِ اسلامي باعمل عاشقِ رسول بڻائيندي آهي. ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي عشقِ رسول جو دم ته ڀريندا آهن پر نمازون به پوريون ناهن پڙهندا، دعوتِ اسلامي عاشقانِ رسول کي نمازون پڙهڻ وارو عاشقِ رسول بڻائيندي آهي، دعوتِ اسلامي ۾ الحمدلله! لکين نه ڪروڙين عاشقانِ رسول نظر ايندا جن جي ظاهري حليي مان ئي عشقِ رسول نظر ايندو آهي، ڪيترائي اهڙا نوجوان آهن، جيڪي دنيا ۾ بُرن گناھن ڀري مجازي عشق ۾ مبتلا هئا، دعوتِ اسلامي جي برڪت سان هاڻي يادِ مصطفٰي ۾ گُم رهندا آهن، لکين نوجوان آهن جيڪي پهريان لنڊن ۽ پيرس جا خواب ڏسندا هئا، هاڻي مديني جي يادين ۾ گُم رهندا آهن، ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ڳائڻ وڄائڻ جا شوقين هئا، هاڻي نعتِ