Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهٽ ڳالهائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي

  فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): ماڻهو جو خاموشيءَ تي قائم رهڻ 60 سال جي عبادت کان بهتر آهي. ([2])

  اي عاشقانِ رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنّت مصطفٰي آهي * الحمدلله! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي ڊگهي خاموشيءَ وارا هئا. ([3]) * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هند بن ابو هاله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا ([4]) خاموشيءَ مان مراد آهي: دنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر سان تَرۡ رهندي هئي. ([5])

  پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گهٽ ڳالهائڻ عبادت جي ڪنجي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي لذَّت نصيب ٿيندي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عزَّت، وقار، علم ۾ اضافو ٿيندو آهي * جيڪو بنا ضرورت ڳالهائڻ کان بچي، اهو شيطان تي غالب رهندو آهي.


 

 



[1]...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]...شُعْبُ الْاِیْمَان، باب: حفظ اللسان، جلد:4، صفحہ:245، حدیث:4953۔

[3]...شرح السنہ للبغوی، جلد:7، صفحہ:450، حدیث:3695۔

[4]...شمائل ترمذی، صفحہ:353، حديث:225۔

[5]...مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:81۔