Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

دين سکيائين، توبھ ڪيائين ۽ نيڪ نمازي بڻجي ويو.

دعوتِ اسلامی میں ہے بڑھتا عشق نبی کا خوف خدا کا       بڑھتی ہے نیکی کی رَغْبَت یومِ دعوتِ اسلامی ہے

آؤ! گنہگارو آجاؤ! توبہ کر لو مت گھبراؤ                            ہو جائے گی ربّ کی رحمت یومِ دعوتِ اسلامی ہے

خطرناڪ ڌاڙيل ڪيئن سڌريو..

  حيدرآباد (انٽرئير سنڌ، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي، اهي چون ٿا: پهريان مان خطرناڪ ڌاڙيل هيس، ماڻهن تي منهنجو دٻدٻو طاري هو، مان بهترين فائٽر هيس ۽ ڪيئي پوليس مقابلا به ڪري چڪو هيس، آخر ڪار پوليس مونکي گرفتار ڪري ئي ورتو. جيل ۾ رهي ڪري به مان ڏوھَ ڪرڻ جا نَوان نَوان منصوبا (Plans) بڻائيندو رهندو هيس. آزاد ٿيڻ کان بعد شايد مان ٻيهر ڏوھن (Crimes) واري رستي تي هلي پوان ها پر منهنجي خوش قسمتي جو منهنجي جيل ۾ دعوتِ اسلامي جي شعبي اصلاح براءِ قيديان جي اسلامي ڀائرن جي صحبت نصيب ٿي وئي. مبلغ دعوتِ اسلامي جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان مون پنهنجي پوين تمام گناھن کان توبھ ڪري ورتي ۽ نيڪ بڻجڻ جي نيت ڪئي، جيل ۾ ئي مونکي مدرسه فيضان قرآن ۾ مڪمل قرآنِ پاڪ سکڻ جو موقعو مليو، مون نماز پڙهڻ سکي، ان سان گڏوگڏ 6 ڪلما، ايمانِ مفصل، ايمانِ مجمل ۽ آخري 10 سورتون پڻ ياد ڪري ورتيون. هاڻي مان هڪ نئين زندگي شروع ڪري چڪو آهيان جنهن ۾ ڏوھن جي لاءِ ڪا جڳھ ناهي. مونکي هي چوڻ ڏيو ته مون جهڙي پاپي ۽ گنھگار کي پوليس جي دردناڪ مار ته سڌاري نه سگهي پر دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۽ اسلامي ڀائرن جي شفقت منهنجي ستل ضمير کي جاڳائي ڪري منهنجي سڌرڻ