Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

house) جو رستو ڳوليندو آهي، دعوتِ اسلامي هن دور ۾ والدين جا پيرَ چمڻ سيکاري رهي آهي * هلندڙ هن مشيني دور ۾ جڏهن ماڻهو مشيني ترقي کي ئي سڀ ڪجھ سمجهي رهيا آهن، ادب جي پستي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، هن دور ۾ ننڍن کي ادب توهان جي دعوتِ اسلامي سيکاريندي آهي، * وڏن کي شفقت جو درس توهان جي دعوتِ اسلامي ڏيندي آهي پاڙي وارن جا حق دعوتِ اسلامي سيکاريندي آهي * دوستيءَ جا آداب دعوتِ اسلامي ٻڌائيندي آهي * اخلاق ۽ ڪردار جي بهتري جون ڪامياب ڪوششون دعوتِ اسلامي ڪري رهي آهي الله پاڪ جي فضل سان ربِّ ڪريم کي ويساريل انسانن کي زندگيءَ جي مقصد (Purpose of Life) سان آگاھ ڪري ربِّ ڪائنات جي بارگاھ ۾ بيهاري ڇڏڻ هي به توهان جي دعوتِ اسلامي جو ڪارنامو آهي.

مثالي معاشرو  ۽ دعوتِ اسلامي

  پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ مثالي معاشري کي جن شين جي ضرورت هوندي آهي يا ايئن کڻي چئجي ته هڪ حقيقي اسلامي ڀاءُ معاشري ۾ جن بنيادن تي بيهندو آهي، انهن بنيادن جي اعتبار سان غور ڪريو ته انهن مان سڀ کان اهم بنياد عشقِ رسول آهي.

اسلامي معاشري جو  پهريون بنياد: عشقِ رسول

  عشقِ رسول جي بغير مسلمان جو ايمان به ڪامل ناهي ٿيندو، ته پوري معاشري جي اصلاح ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

قُلۡ اِنۡ کَانَ اٰبَآؤُکُمۡ وَ اَبۡنَآؤُکُمۡ وَ اِخۡوَانُکُمۡ وَ اَزۡوَاجُکُمۡ  وَ عَشِیۡرَتُکُمۡ وَ اَمۡوَالُۨ  اقۡتَرَفۡتُمُوۡہَا وَ تِجَارَۃٌ تَخۡشَوۡنَ  کَسَادَہَا وَ مَسٰکِنُ  تَرۡضَوۡنَہَاۤ  اَحَبَّ  اِلَیۡکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ  وَ جِہَادٍ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ فَتَرَبَّصُوۡا حَتّٰی یَاۡتِیَ اللّٰہُ بِاَمۡرِہٖ ؕ

 (سيپارو: 10، سورة توبھ: آيت 24)

ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: جيڪڏهن توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جو خاندان ۽ توهان جي ڪمائي جا مال ۽ اها تجارت جنهن جي نقصان کان توهان ڊڄو ٿا ۽ توهان جون پسنديده جايون توهان کي الله ۽ ان جي رسول ۽ ان جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ محبوب آهن ته انتظار ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي.