Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

طرف آندو وڃي * جيڪي نفساني خواهشن جا پيروڪار آهن، انهن کي اطاعت ۽ عبادت جي نور جي طرف آندو وڃي * جيڪي دنيا جي محبت ۽ مال جي لالچ جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي فڪرِ آخرت جي نور سان سينگاريو وڃي، مطلب ته: معاشري جو هر اهو ماڻهو جيڪو ڪنهن طرح جي اونداهيءَ ۾ آهي، ان کي اونداهيءَ مان ڪڍي ڪري نور ۽ روشني فراهم ڪرڻ هي نزولِ قرآن جو اهم ۽ بنيادي مقصد آهي. ([1])

دعوتِ اسلامي ۽ معاشري جي اصلاح

 پيارا اسلامي ڀائرو! هلندڙ دور قربِ قيامت جو دور آهي، قيامت جون ڪافي نشانيون پوريون ٿينديون پيو وڃن، هر پاسي فتنا وڌي ريا آهن، بي حيائي وڌندي پئي وڃي، گناھن جو سيلاب اچي ويو آهي، اهڙي حالات ۾ دعوتِ اسلامي الحمد لله نُور جو ڪرڻو آهي * دعوتِ اسلامي فتنن کان ڀريل هن دور ۾ روشنيون ورهائندي آهي * دعوتِ اسلامي نيڪي جي دعوت عام ڪندي، ۽ برائين کان روڪيندي آهي * دعوت اسلامي ڪافرن کي اسلام جي دعوت ڏيندي آهي، گنھگار مسلمانن کي نيڪ رستي جو مسافر بڻائيندي آهي * دعوتِ اسلامي جهالت جي اونداهي مٽائيندي آهي، علمِ دين جو نور ورهائيندي آهي ۽ الله پاڪ جي فضل سان معاشري ۾ ٿيڻ وارين برائين جي اڳيان بند ٻَڌندي آهي * معاشري ۾ بگاڙ جو اهو ڪهڙو پهلو آهي، جنهن جي سڌاري جي ڪوشش دعوتِ اسلامي ناهي ڪري رهي؟ * زندگيءَ جو اهو ڪهڙو شعبو (Department) آهي، جتي دعوتِ اسلامي نيڪي جي دعوت عام نه  پئي ڪري ؟

  الحمدلله! دعوتِ اسلامي ه پاسي آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ آهي * سيٺ کان وٺي مزدور تائين * وڪيلن (lawyers) ۽ ججز کان وٺي ڪري مجرم تائين


 

 



[1]...تفسیر خازن، پارہ :13،سورۂ ابراہیم، تحت الآیۃ:1 ،جلد :3 ،صفحہ:27  ماخوذاً۔