Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

باادب بيٺل هوندي هئي۔ ([1])

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي توهان جي دعوتِ اسلامي...!! عشقِ رسول جي اهڙي ڪيفيتن سان ڀريل هزارين عاشقانِ رسول الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ ملي ويندا. الله پاڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول جي برڪت سان اسان تي به ڪرم فرمائي، ڪاش! اسان کي به عشقِ رسول جي دولت ملي ۽ اسان سچا ۽ باعمل عاشقِ رسول بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

مُطِیع اپنا مجھ کو بنا یاالٰہی!                                      سدا سُنّتوں پر چلا یاالٰہی!

غمِ مصطَفےٰ دے غمِ مصطَفےٰ دے                       ہو دَردِ مدینہ عطا یاالٰہی!

میں عشقِ نبی میں رہوں گُم ہمیشہ                           تُو دیوانہ ایسا بنا یاالٰہی!

اسلامي معاشري جو ٻيو  بنياد: خوفِ خُدا

  پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ حقيقي اسلامي معاشري جو ٻيو اهم بنياد خوفِ خُدا آهي. جيستائين دلين ۾ خوفِ خدا پيدا نه ٿي وڃي، ان وقت تائين برائين کان بچڻ مشڪل (Difficult) آهي، ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ظاهري طور تمام گهڻو نيڪ نظر ايندا آهن پر انهن جون اڪيلايون گناھن جي اونداهيءَ ۾ ٻڏل هونديون آهن خوفِ خدا اُها عظيم نعمت آهي، جيڪا انسان جي ظاهر ۽ باطن کي سڌاري ڇڏيندي آهي، پوءِ انسان ماڻهن جي سامهون به گناھن کان بچندو آهي ۽ اڪيلائي ۾ به گناھن جي طرف قدم ناهي وڌائيندو.

خوفِ خدا  لغام آهي

  اِحياءُ العلوم ۾ آهي: خوفِ خدا الله پاڪ ۽ ٻانهي جي درميان هڪ لغام آهي، جڏهن هي لغام ٽُٽي پئي ته ٻانهو هلاڪ ٿي ويندو آهي. ([2])


 

 



[1]...صلوٰۃو سلام کی عاشِقہ، صفحہ:1 -2  ملخصاً۔

[2]...احیاء علوم الدین  ، کتاب الخوف والرجاء،بیان فضیلۃ الخوف و الترغیب فیہ ،جلد:4،صفحہ:197۔