Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

تجهيز ۽ تڪفين ايپليڪيشن

  اي عاشقانِ رسول! اڄوڪو دور ٽيڪنالوجي جو دور آهي، اسان مان شايد هر هڪ وٽ اينڊرائيڊ (Android) يا آئي فون هوندو. الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمارٽ فون (Smartphone) جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن حوالي سان دعوتِ اسلامي جي (I.T) ڊيپارٽمنٽ جي طرف کان مختلف ايپليڪيشنز جاري ٿي چڪيون آهي، جنهن مان هڪ موبائل ايپليڪيشن آهي (Muslim’s Funeral) هن موبائل ايپليڪيشن ۾ مَيَّت جي غسل ۽ ڪفن ۽ دفن وغيره بابت اهم ترين معلومات ڏني وئي آهي ۽ هڪ خاص ڳالھ هي آهي ته مَيَّت کي غسل ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ڪفن ڪيئن پارائڻو آهي؟ ان جي عملي طريقي جي لاءِ (Animated Videos) ب شامل آهن.

توهان به هي موبائل ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی