Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

وڌيڪ متاثر ٿيا، بيان کان بعد اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رقَّت انگيز دعا (prayer) گهري ته انهن نوجوانن به روئي روئي ڪري پنهنجن گناھن کان توبھ ڪئي ۽ الحمد لله! نه صرف پاڻ نيڪ ڪمن ۾ مصروف ٿيا بلڪه ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجي ويا.  ([1])

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  الله پاڪ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ تي ڪروڙين رحمتون نازل  ڪري. کين  خير و عافيت واري وڏي ڄمار نصيب ڪري. هي اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي دانائي، سندن استقامت، سندن عاجزي ۽ معاشري جي اصلاح جو درد آهي جو پاڻ انهن شرارتي نوجوانن سان بَحث ۽ تڪرار به نه ڪيائون، شرارتي نوجوان پان جي ٿڪ اڇلائي ته پاڻ ڪاوڙ به نه ڪئي بلڪه موقعي جي نزاڪت کي سمجهندي ڪمال حڪمتِ عملي سان انهن کي نيڪي جي دعوت ڏني، طعنن جي زهريلن تيرن جي عيوض محبت ۽ شفقت جا گلَ وڇايا ۽ معاشري (Society) جي بگڙيل نوجوانن کي نه صرف نيڪ رستي جو مسافر بڻايو بلڪه نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ وارو مبلغ به بڻائي ڇڏيو.

چور ڈاکو آندے نے، نمازی بن جاندے نے   عاشق لندن پیرس دے حاجی بن جاندے نے

مِٹھا مرشِد ویکھو تقدیراں اے سنواردا                       میرا پیر، میراپیر، میرا پیر، میرا پیر، میراپیر

سمجهايو!ڇوته  سمجهائڻ فائدو ڏيندو آهي

  اي عاشقانِ رسول! موقعي جي نزاڪت کي سمجهي ڪري حڪمتِ عملي ۽ پيار محبت سان سمجهايو وڃي، نيڪي جي دعوت پيش ڪئي وڃي ته ان جو


 

 



[1]...ہیرَ وئنِچِی کی توبہ،صفحہ:6-9 ملخصاً۔