Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

شڪراڻي جا نوافل ادا ڪريو! بلڪه بهتر هي آهي ته اسان دعوتِ اسلامي جو ديني ماحول مُيَسَّر اچڻ جي شڪراڻي ۾ مدني قافلن ۾ مسافر بڻجون، سنّتون سکون ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ دعوتِ اسلامي جو ڪجھ نه ڪجھ ساٿ ڏيون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.  آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: علاقائي دورو

  پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي زندگيون بدلائڻ واري تحريڪ آهي، توهان به عاشقانِ رسول جي هن ديني تحريڪ سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علاقائي دورو به آهي. اچو ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا!

غير مسلم مسلمان ٿي ويو

  پاڪستان پنجاب جي صوبي جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ ڏينهن اسان وٽ ڪراچي کان مدني قافلو تشريف کڻي آيو، مدني قافلي وارن سان ملي ڪري مونکي به علاقائي دوري ۾شرڪت جو شرف مليو، اسان هڪ درزيءَ جي دڪان جي ٻاهران ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيءَ دڪان جي هڪ ملازم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان. توهان حضرات جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي گهرو اثر ڪيو آهي، مهرباني فرمائي ڪري مونکي اسلام ۾ داخل ڪري وٺو. پوءِ الحمد لله! اهو ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي ويو.

مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوتِ اسلامی                صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد