Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

فائدو آهي جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو. ([1])

میں نیکی کی دعوت کی دھومیں مچاؤں      تُو  کر    ایسا    جذبہ   عطا   یاالٰہی!

جنّتُ الفردوس ڪنهن جي لاءِ آهي؟

  حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن: جنّت الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڏي ۽ برائيءَ کان منع ڪري. ([2])

معاشري جي اصلاح دين جو بنيادي مقصد آهي

  پيارا اسلامي ڀائرو! معاشري جي اصلاح دين جو اهم ۽ بنيادي مقصدن مان اهم ترين مقصد آهي. سيپارو: 13 سورة ابراهيم، آيت: 1 ۾ الله فرمائي ٿو:

الٓرٰ ۟ کِتٰبٌ اَنۡزَلۡنٰہُ  اِلَیۡکَ لِتُخۡرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ ۬ۙ  (سيپارو: 13 سورة ابراهيم: آيت 1)    ترجموڪنزالعرفان: الٓرٰ. هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوهان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربَّ جي حڪم سان اونداهين مان روشنيءَ جي طرف آڻيو

 معلوم ٿيو: قرآنِ ڪريم جي نزول جو هڪ اهم مقصد هي به آهي ته ان جي ذريعي معاشري (Society) جي ماڻهن کي اونداهيءَ مان ڪڍي ڪري نُور ۽ روشنيءَ ۾ آندو وڃي. جيڪي ڪفر جي اونداهين ۾ گمراھ ٿي رهيا آهن، انهن کي ايمان جي نور جي طرف آندو وڃي * جيڪي گناھن جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي نيڪي جي نور جي طرف آندو وڃي * جيڪي جهالت جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي علم جي نور سان سينگاريو وڃي * جيڪي بد اخلاقي ۽ بري ڪردار جي اونداهيءَ ۾ آهن، انهن کي اعلٰي اخلاق ۽ ڪردار جي نور جي


 

 



[1]...تفسیر کبیر ،پارہ :27 ،سورۂ ذاریات ،تحت الآیۃ:55 ،جلد:10 ،صفحہ:191بتغیر قلیل۔

[2]...تَنْبِیْهُ  الْمُغْتَرِّین، صفحہ:201 ۔