Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

خوفِ خدا جي سبب رقّت طاري ٿي وئي

  ڪراچي جي علائقي کارادر جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: چون ٿا: اسان جي علائقي ۾ هڪ نهايت ئي بدڪردار شخص رهندو هو، اهو پنهنجي حرڪتن جي ڪري  تمام گهڻو بدنام هو، گهڻو ڪري شراب جي نشي ۾ بدمست رهندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن اسلامي ڀاء ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان جي خوش نصيبي جو اهو اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو، اجتماع ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سنّتن ڀريو بيان فرمايو، رقَّت انگيز بيان ان جي دل تي گهڻو اثر ڪيو، ان جي اکين مان ندامت جا ڳوڙها وهڻ لڳا، خوفِ خدا جي سبب ان تي ايتري رقت طاري ٿي جو بيان کان بعد ڪافي دير تائين زارو قطار روئيندو رهيو. پوءِ انهيءَ اجتماع ۾ ان پنهنجي پوين گناھن کان توبھ ڪئي ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي هٿ تي بيعت ڪري حضورِ غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو غلام بڻجي ويو. ([1])

تیری  خَشیّت  اور ترے ڈر سے، خوف سے          ہر دم ہو دِل یہ کانپتا یا ربِّ مصطَفےٰ!([2])

مثالي معاشري جو  ٽيون بنياد: علمِ دين

  پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ مثالي اسلامي معاشري جو ٽيون اهم بنياد عِلمِ دين آهي. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلۡ ہَلۡ  یَسۡتَوِی الَّذِیۡنَ یَعۡلَمُوۡنَ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ؕ   (سيپارو: 23، سورة زُمُر: آيت 9)

ترجمو ڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: ڇا علم وارا ۽ بي علم برابر آهن؟


 

 



[1]...صلوٰۃ و سلام کی عاشِقہ، صفحہ:6 -7 ملخصاً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:132۔