Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

ٿورو غور ڪريو! ڪو اهڙو شهر، جنهن ۾ سڀ ماڻهو ئي انڌا هجن، ڪو اکين وارو نه هجي، ڇا اهڙو شهر ترقي ڪري سگهي ٿو؟ نه ٿو ڪري سگهي، ترقي ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، زندگي گذارڻ ئي مشڪل ٿي ويندي. هيءُ ئي مثال آهي علم ۽ جهالت جو. جيستائين معاشري ۾ علمِ دين کي نه وڌايو وڃي، ان وقت تائين معاشري جي اصلاح ٿي وڃڻ، هڪ معاشري جو مثالي معاشرو بڻجي سگهڻ تمام مشڪل آهي، اڄ به دنيا جي نقشي تي اهڙا علائقا موجود آهن جتي علمِ دين بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي،  اهو ئي سبب آهي جو اتي نه تهذيب آهي نه ثقافت (Culture)، نه ادب، نه ٻين جي حقوق جو پاس ۽ خيال. ان مان خبر پوي ٿي ته معاشري جي اصلاح جي لاءِ علمِ دين ڪيترو ضروري آهي.

دعوتِ اسلامي ۽ علمِ دين جو واڌارو

  هاڻي ٿورو ڏسو! دعوتِ اسلامي ڪهڙي ڪهڙي انداز سان معاشري ۾ علمِ دين عام ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: دعوتِ اسلامي جو شعبو آهي: مدرسةُ المدينه: هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي صحيح تَلَفُّظ سان حِفظ ۽ ناظره قرآنِ پاڪ جي مفت تعليم ڏني ويندي آهي * مدرسةُ المدينه بالغان ۽ بالغات: هتي وڏي عمر جا اسلامي ڀائرَ ۽ اسلامي ڀينرن کي درست تلفظ سان قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏني ويندي آهي * جامعةُ المدينه : هتي طلبه ۽ طالبات کي درسِ نطامي (يعني عالِم ۽ عالمه ڪورس) ڪرايو ويندو آهي ۽ ٻيا ديني عُلوم سيکاريا ويندا آهن * فيضان آن لائن اڪيڊمي: جنهن ۾ حفظ ۽ ناظره قرآنِ ڪريم، درسِ نظامي (عالم ڪورس)، 30 کان وڌيڪ آن لائن ڪورسز (اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي) ڪَرايا ۽ ٻيا ديني عُلوم آن لائن سيکاريا ويندا آهن  * هفتيوار سنّتن ڀريو اجتماع: هر جمعرات جو ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مختلف شهرن ۾ هفتيوار اجتماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تلاوت، نعت ۽ بيان سان گڏوگڏ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقا به لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف موضوعن تي علمِ