Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

مصطفٰي ٻڌي ڪري لڙڪ وهائيندا آهن، ڪيترا اهڙا آهن جيڪي فيشن پرستي جي آفت ۾ مبتلا هئا، هاڻي انهن جي چهري تي سنّت جي مطابق ڏاڙهي شريف آهي، مٿي تي عمامي جو تاج آهي، لباس سنّت جي مطابق، وارَ سنّت جي مطابق... سنّتن جون اهڙيون هلندڙ ڦرندڙ تصويرون دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ توهان کي عام نظر اچي وينديون، هي آهي دعوتِ اسلامي جيڪا عشقِ رسول جو صِرف نعرو ناهي لڳائيندي بلڪه عاشقانِ رسول کي باعمل عاشقِ رسول بڻائيندي آهي.

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ          تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدنی ماحول

تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے        نہیں ہے یہ ہرگز بُرا مَدنی ماحول

تمہیں لُطف آ جائے گا زندگی کا        قریب آکے دیکھو ذرا مَدنی ماحول

نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز         چلے آؤ سِکھلائے گا مَدنی ماحول

عشقِ مصطفٰي ۾ روئيندي روئيندي سڏڪا ڀرڻ لڳو

  بهاول نگر (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان حيدر آباد جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هيس، اتي منهنجي ملاقات هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، انهن مونکي نيڪي جي دعوت ڏني ۽ گڏوگڏ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو بيان حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه جو عشقِ رسول به تحفي ۾ ڏنو، مون اهو بيان هلايو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا عشقِ رسول سان ڀريل باادب الفاظ منهنجي ڪنن ۾ پوڻ لڳا، جيئن جيئن بيان ٻڌندو ويس، منهنجي دل ۾ عشقِ مصطفٰي جي شمع روشن ٿيندي وئي، بيان ٻڌڻ جي دوران مون تي رقت طاري هئي ۽ عشقِ رسول ۾ روئيندي روئيندي سُڏڪا ڀرڻ لڳس، الحمد لله! انهيءَ بيان سان متاثر ٿي ڪري مان اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس، کانئس ملاقات به ڪئي، عطاري پڻ ٿي ويس، ڏاڙهي