Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

* پوليس کان وٺي مُجۡرم تائين * تاجر ڪمپنين کان وٺي ريزڪي بازار(Retail Market) تائين * ننڍي کان وڏي تائين، وڏي کان ننڍي تائين الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي تقريباً هر هڪ شعبي ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪندي روشنيون ورهائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.

اجڙيل زندگيءَ ۾ بهار ڪيئن آئي...؟؟

  هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي، اهي چون ٿا: مان برن دوستن سان ويهندو هيس، ان سان شروع ۾ مون کي سگريٽ جي عادت ٿي، پوءِ آهستي آهستي مان چرس ۽ هيروئن جھڙي مُهۡلڪ نشي جو عادي ٿي ويس، هاءِ! مان 16 سالن تائين نشي جو عادي رهيس، مونکي گهر مان ڪڍيو ويو، مان فٽ پاٿ (Footpath) تي سمهندو، ڪچري جي ڍير مان کائڻ جون شيون چونڊي ڪري يا ماڻهن کان گهري ڪري کائيندو هيس، توهان کي شايد يقين نه اچي، مون هڪ ئي لباس ۾ 16 سال گذاري ڇڏيا. منهنجي حالت چرين وانگر ٿي چڪي هئي، ماڻهو مون کان نفرت ڪندا هئا، ڪو ويجهي کان گذرڻ به پسند نه ڪندو هو.

  پوءِ منهنجي اجڙيل زندگي ۾ بهار آئي، شايد شبِ براءَت هئي، مان بدنصيب هڪ گهٽي جي ڪونڊ ۾ ڪچري جي ڍير وٺ سُتل هيس، اوچتو منهنجي ڪنن ۾ هڪ آواز آيو، ڪنهن نهايت ئي پياري انداز ۾ مونکي سلام ڪيو، مونکي حيراني ٿي ته ڀلا مون ۾ ڪنهن کي ڪهڙو ڪم ٿي سگهي ٿو؟ نگاھ کنئي ته ڏٺم:2 اسلامي ڀائر منهنجي سامهون بيٺا آهن، چهرن تي ڏاڙهي آهي، مٿي تي عمامي شريف جو تاج آهي، اهي ٻئي اڳتي وڌيا، وڏي پنهنجائپ سان چيائون: توهان کي ڪجھ عرض ڪرڻو آهي. مونکي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ايڏي محبت سان مخاطب ڪيو هو، اسلامي ڀائرن منهنجو نالو پڇيو، پوءِ شبِ براءَت جي اهميت (Importance) ٻڌائي، مان انهن جي شفقت ڀري اندازِ گفتگو سان پهريان ئي متاثر (Impress) ٿي چڪو هيس، وڌيڪ شبِ براءَت جي عظمت