Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

پاڪ ترجمو ۽ تفسير سان پڙهي ڪري نُورِ قرآن سان سينو روشن ڪري سگهون ٿا، اهڙيءَ طرح بهارِ شريعت موبائل ايپليڪيشن: جنهن جي ذريعي ديني مسائل پڙهي  ۽ سِکي  سگهجن ٿا، ايئن ئي ڪيئي ايپليڪيشنون آهن.

  هڪ موبائل ايپليڪيشن آهي: (Dawateislami Digital Services) (دعوتِ اسلامي ڊيجيٽل سروسز)، هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي ڪيئن علمِ دين عام ڪري رهي آهي، هن ۾ تمام تفصيل ۽ دعوتِ اسلامي جي تمام ايپليڪيشنز جو تعارف وغيره موجود آهي.

اللہ کی نعمت ہے یہ دعوتِ اسلامی                       آقا کی عنایت ہے یہ دعوتِ اسلامی

اسلام کی تعلیمات  اور دین کے احکامات             سِکھلاتی شریعت ہے یہ دعوتِ اسلامی

سرکار کی دُکھیاری اُمّت کی ہے خیر اَندیش                                اور خادمِ مِلّت ہے یہ دعوتِ اسلامی

دعوتِ اسلامي ۽ جيل خانه جات ۾ ديني ڪم

  اسان جي معاشري جو هڪ طبقو آهي، جنهن کي عام طور پڙهيل لکيل، مهذب ۽ شريف ماڻهو حَقارت جي نگاھ سان ڏسندا آهن يعني پيشه ور ڏوهي ماڻهو (Criminals). هي به اسان جي معاشري جو هڪ دردناڪ پهلو آهي جو ڪو شخص ڏوھ ڪري وٺندو آهي، جيل ۾ ويندو آهي، اتي ٻين ڏوهين جي صحبت جي ڪري وڌيڪ ڏوھَ سکي وٺندو آهي، الله پاڪ جي فضل سان دعوتِ اسلامي ان طبقي کي به محروم ناهي ڇڏيو، دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: اصلاح براءِ قيديان. هن شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارا عاشقانِ رسول جيلن ۾ وڃي ڪري ڏوهين کي به علمِ دين سيکاريندا آهن، انهن کي قرآنِ ڪريم پڙهائيندا آهن، سنّتون ۽ آداب سيکاريندا آهن، اهڙا کوڙَ مثال موجود آهن جو هڪ شخص ڏوھ ڪري جيل ۾ ويو، اتي دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول جي برڪت سان علمِ