Book Name:Dawateislami Islah e Muashra

ڪرڻ ۾ گهڻو مزو ايندو آهي. هي ٻڌي ڪري اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي قميص جو دامن وڌايو ۽ سنجيدگيءَ سان فرمايائون: جيڪڏهن توهان جي دل هن ۾ خوش ٿيندي هجي ته وٺو! اڃا پان جي ٿڪ اڇلايو!

اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو حِلم (Patience) ۽ اهڙو شفقت ڀريو لهجو ڏسي ڪري انهن شرارتي نوجوانن جا مٿا شرم سان جهڪي ويا، هاڻي هو سمجهي چڪا هئا ته اسان غلطي ڪئي آهي، بهرحال انهن معافي گهري، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن مسڪرائي فرمايو: ايئن ئي معافي نه ملي ويندي، ان لاءِ توهان کي مون سان گڏ چانھ پيئڻي پوندي.

  الله اڪبر! هڪ پاسي بداخلاقي (Misbehavior) سان پيش اچڻ وارا شرارتي نوجوان ۽ ٻئي پاسي باعمل مبلغ جون اهڙيون نوازشون...!! ڀلا ڪير آهي جنهن جي دل اهڙي شفقت تي ڪهڪاءُ نه اچي. اهي نوجوان عطائن جي هيءَ برسات ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيا، انهن اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي چانھ جي دعوت قبول ڪئي، چانھ پيئڻ جي دوران ئي اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انهن کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، اهي نوجوان متاثر ته پهريان ئي ٿي چڪا هئا، جيئن ته انهن اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي دعوت کي قبول ڪيو ۽ دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويا.

  جڏهن هي نوجوان هفتيوار اجتماع ۾ پهتا ته هي ڏسي ڪري انهن جون اکيون کلي ويون ته انهن جنهن کي عام شخص سمجهي ڪري ستايو هو، هُو هزارن جي اجتماع ۾ بيان فرمائي رهيا آهن ۽ اجتماع جا شرڪا وڏي توجھ ۽ عقيدت سان بيان ٻڌي رهيا آهن. انهن نوجوانن ويجهي ويٺل اسلامي ڀاءُ کان پڇيو: هي بيان فرمائڻ وارا مبلغ ڪير آهن؟ چيائين: هي حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ آهن. هي ٻڌي ڪري اهي نوجوان اڃان