$header_html

Book Name:Shoq e Madina

وقت کي نهايت برڪت وارو سمجهيو ويندو آهي، اعلٰي حضرت انهي طرف اشارو ڪندي فرمائي رهيا آهن ته هي چنڊ جيڪو آسمان تي نڪري ٿو، هي ته ڪڏهن ڪڏهن منزلِ غفر ۾ هوندو آهي پر طيبه جي چنڊ نبين جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڳالھ ئي الڳ آهي، هي اهي مبارڪ چنڊ آهن جيڪي هر وقت ئي منزلِ غفر ۾ هوندا آهن، انهن جي هر منزل منزلِ غفر آهي، دنيا ۾ هجن، تڏهن به غَفور (يعني بخشرائڻ وارا) آهن، مزار ۾ تشريف فرما هجن، تڏهن به غفور آهن ۽ آخرت ۾ جڏهن ميدانِ محشر ۾ تشريف کڻي ايندا، تڏهن به بخشرائيندا ۽ الله پاڪ جي عطا سان شفاعت فرمائي ڪري پنهنجي غلامن کي جنّت ۾ پهچائيندا.

دُنیا مزار حشر جہاں ہیں غفور ہیں                          ہر منزل اپنے چاند کی منزلِ غَفْر کی ہے

آيو آهيان جَآءُوْکَ ٻڌي ڪري

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش صد ڪروڙ ڪاش...! اسان کي به موقع نصيب ٿئي، اسان به مديني پاڪ حاضر ٿيون، گنبدِ خضرا جي ڇانوَ ۾ سهڻين ڄارين جي سامهون مٿو جهڪائي ڪري، هٿ ٻڌي ڪري حضور جي بارگاھ ۾ شفاعت جي خيرات پِنون اسان به عرض ڪريون؛ يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! گناھن ۾ ڀريل آهيان، مٿي کان پيرن تائين گناھن ۾ ٻڏل آهيان، توهان جو غلام دربار ۾ حاضر آهي، بخشش جي خيرات گهري رهيو آهي.

میں کر کے ستم اپنی جاں پر                                   قرآن سے  جَآءُوْکَ سُن کر

                                                                                                 آیا ہوں بہت شرمندہ سا                         سرکار توجہ فرمائیں ، سرکار توجہ فرمائیں

 اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ یَا رَسُوْلَ اﷲ

يارَسُولَ الله! مان توهان جي شفاعت جو سوالي آهيان.

اَسْئَلُکَ الشَّفَاعَۃَ یَا رَسُوْلَ اﷲ


 

 



$footer_html