$header_html

Book Name:Shoq e Madina

اسان گنھگارن کي به مديني پاڪ جي حاضريءَ جي سعادت نصيب ٿي وڃي.

ہے آرزُو یہ دِل کی ، میں بھی مدینے جاؤں             سلطانِ دوجہاں کو سب حالِ دِل دِکھاؤں

کاٹوں ہزار چکر طیبہ کی ہر گلی کے                         یُوں ہی گزار دُوں میں اَیَّام زِندگی کے

پھولوں پہ جاں نثاروں ، کانٹوں پہ دِل کو وارُوں           ذَرَّوں کو دُوں سلامی ، دَر کی کروں غُلامی

دِیوار و دَرْ کو چُوموں ، قدموں پہ سَر کو رَکھ دُوں                             روضے کو دیکھ کر میں روتا رہوں برابر

حضور ایسا کوئی انتظام ہو جائے                           سلام کے لئے حاضر غلام  ہو جائے

 عاشقِ مدينه، اميرِ اهلسنّت، بانيءِ دعوت اسلامي، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار، قادري، رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ، پنهنجي تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي درٻار ۾ استغاثو پيش ڪن ٿا.

بُلا لو پھر مجھے اے شاہِ بحرو بَر مدینے میں                میں پھر روتا ہوا آؤں تِرے دَر پر مدینے میں

سلامِ شوق کہنا حاجیو! میرا بھی رَو رَو کر                   تمہیں آئے نظر جب روضۂ انور مدینے میں

وہاں اک  سانس مل جائے یِہی ہے زِیست کا حاصل                            وہ قسمت کا دھنی ہے جو گیا دم بھر مدینے میں [1]

الله ڪري اسان کي به اها سعادت نصيب ٿئي، مديني پاڪ جي حاضريءَ جي اجازت ملي ۽ مديني پاڪ ۾ حاضر ٿي ڪري شفاعت جي خيرات پِنَڻ نصيب ٿي وڃي، يقين ڪريو! مديني پاڪ جي حاضري تمام وڏي سعادت آهي.

مجرم گهرائي آندا ويا آهن...!

اميرُ المؤمنين حضرتِ سيدُنا مَوليٰ علي مشڪل ڪشا کرَّمَ اللهُ وَجْهه الْکرِيم فرمائن ٿا: ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي ظاهري دنيا  مان پردو فرمائيندي اڃان 3 ڏينهن مس گذريا هئا، هڪ بَدۡوي (عرب جو ڳوٺاڻو) مزارِ پُر انوار تي حاضر ٿيو، ان  پاڻ کي قبرِ انور تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ مزار جي نوراني مٽيءَ کي پنهنجي مٿي ۾ وجهي عرض ڪيائين: يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:280-282ملتقطاً۔



$footer_html